آءِ ايم ايف سان ٺاهه ملڪي معيشت ۾ بهتري لاءِ ڪنداسين: اسد عمر
November 23, 2018 at 7:22 pmاسلام آباد ( بيورو ) ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ٺاهه ڪنداسين. قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته مان ايوان ۾ آءِ ايم ايف جي پروگرام تي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ آيو هيس پر مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته ناڻي واري وزير سي پيڪ خلاف ڳالهائي ٿو ته چين کي هاڪاري پيغام نه ويندو، جيتوڻيڪ مان اڄ تائين سي پيڪ خلاف نه ڳالهايو آهي، سي پيڪ تي سياست نه ڪئي وڃي. شهباز شريف جي ڳالهين جو جواب ڏيندي اسد عمر چيو ته پهريون اين آر او اهو هو جڏهن هڪ ڊڪٽيٽر سان ٺاهه ٿيو ۽ ستن سالن تائين ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو، توهان ٺاهه ڪيو ۽ پارٽي اڳواڻن کي ڇڏي هليا ويا آمر جي دور ۾ جڏهن سڀ ڪوڙا کائي رهيا هئا تڏهن نواز شريف سندس وزير هو، يوٽرن اهو هوندو آهي جڏهن توهان زرداري کي روڊن تي گهلڻ جو اعلان ڪيو ۽ بعد ۾ سندس سهارو وٺو. وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر کي خدشو آهي ته وزيراعظم جي بيان سان سيڙپڪارن جي ذهنن ۾شڪ ۽ شبها پيدا ٿيندا، مخالف ڌر اڳواڻ کي خاطري ڪرائڻ چاهيان ٿو حڪومت اهڙا فيصلا نه ڪندي جيئن مسلم ليگ نه ڪيا، سندن حڪومت ماڻهن جا اربين ڊالر منجمد ڪيا، ن ليگ جي حڪومت ۾ ڊيزل تي 101 سيڪڙو ٽيڪس هئي جنهن کي اسان 5 سيڪڙو گهٽ ڪيو. اسد عمر چيو ته شهباز شريف چوي ٿو ته ڦڙو به نظر نه آيو ته پرڏيهه مان پاڪستاني موڪليندا جڏهن ته حقيقت اها آهي ته پرڏيهه ۾ پاڪستانين ناڻي جي مٽاسٽا ۾ ٽن مهينن اندر ساڍا 15 سيڪڙو اضافو ڪيو، ٽن مهينن دوران هڪ ارب ڊالر اضافي موڪليا ويا آهن، مان ايوان ۽ محب وطن سمنڊ پار پاڪستانين کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته معيشت کي واپاري خسارو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ ڊيفيسٽ 2 وڏيون ڏکيائيون آهن، اسان وياج جي ادائيگي لاءِ قرض حاصل ڪري رهيا آهيون، چاهيون ها ته ٽيڪس وڌائي مهانگائي ۾ اضافو ڪيو وڃي ها، آءِ ايم ايف سان ٺاهه ڪري ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڪم ڪنداسين، اسان کي ڪابه جلدي ناهي، متبادل انتظام ڪيو ويو آهي، آءِ ايم ايف سان جيڪو ٺاهه ٿيو ايوان کي اعتماد ۾ وٺنداسين.
]