آئين جي آرٽيڪل 25 تحت سمورا شهري قانون آڏو برابر آهن:سيد مراد علي شاهه

January 8, 2019 at 8:44 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورتر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مختلف ملڪن ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪري رهيا آهن ته پوءِ اسان سندن جاري ڇو نٿا ڪريون؟ هن چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه کي هدايت ڪئي ته هُو ڊارئيونگ لائسنس برانچ ۽ ٽريفڪ پوليس کان انهيءَ بابت صلاح ورتي وڃي ۽ ان کانپوءِ قانون ۾ ضروري ترميم ڪئي وڃي ته جيئن ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪري سگهجي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ چيو ته پاڪستان ۾ ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن جو وڏو انگ آهي جيڪي فعال زندگي گذاري رهيا آهن ۽ پاڪستان جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته آئين جي آرٽيڪل 25 تحت سمورا شهري قانون آڏو برابر آهن ۽ انهن کي قانون تحت برابريءَ جا حق حاصل آهن ۽ ان ۾ ڪنهن به بنياد تي ڪوبه فرق نه آهي جڏهن ته آرٽيڪل 18 تحت واپار ۽ ڪاروبار يا پروفيشن جي حوالي سان آزاديءَ جي ضمانت آهي. هن چيو ته زمين جي اعليٰ قانون تحت نئون لاڳو ڪيل ”سنڌ امپاورمنيٽ آف پرسن وٿ ڊسئيبلٽيز ايڪٽ 2018“ جنهن کي ”ايڪولٽي اينڊ نان ڊسڪريمينيشن آف پرسن وٿ ڊسئيبلٽيز (سيڪشن  ٿري)“ پڻ چيو ويندو آهي. مراد علي شاهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي معذور ماڻهن واري ڪانووينشن (يو اين – سي آر پي ڊي) تحت سمورن معذور ماڻهن کي بنا فرق جي برابريءَ جا حق ڏنا ويا آهن ۽ انهن معذور ماڻهن بشمول ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن کي قانون تحت برابري جو تحفظ ۽ فائدا حاصل آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن کي سيڪنڊ شيڊول آف دي موٽر وهيڪل 1965ع (جنهن ۾ وقت بوقت ترميم ڪئي وئي آهي) تحت ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ جي نااهل آهن، جيئن ته هيٺ ريت پيش ڪيو ويو آهي، شق نمبر 7 (5)؛ مريضن ۽ معذورن ماڻهن کي موٽروهيڪل هلائڻ جي لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي،

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو