آسٽريليا جي خلاف ٽيسٽ ميچ هارائڻ کان پوءِ ٽيم مينجمينٽ کي غلطين جو احساس ٿي ويو

November 27, 2019 at 4:24 pm

ڪراچي: (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا سان پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي اننگز ۽ 5 رنسن تان بدترين شڪست کي منهن ڏيڻو پيو هو. ماهرن خراب ڪارڪردگي کان پوءِ ٽيم ڪامبينيشن تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. مينجم/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 77

ينٽ کي به پنهنجي غلطين جو احساس ٿي ويو آهي ۽ ٻئي ميچ جي لاءِ تبديلين جو امڪان آهي.  ذريعن موجب اوپنر امام الحق ۽ فاسٽ بالر محمد عباس جي شموليت جا امڪان روشن آهن. ان صورتحال ۾ شان مسعود سان گڏ امڪاني طور تي امام ئي اننگز جي شروعات ڪندو. اظهر جي پوزيشن ٽيون نمبر هوندي. امام الحق جي لاءِ حارث سهيل کي جڳهه خالي ڪرڻي پوندي.  جيڪو پهرين ميچ ۾ بدترين ناڪامي جو شڪار ٿيو هو. ٽيم ۾ ٻئي تبديلي عمران خان سينئر جي جڳهه تي محمد عباس کي شامل ڪرڻ جي صورت ۾ ٿيندو. کين برسبين ۾ نه کيڏائڻ تي ٽيم مينجمينٽ کي سخت تنقيد جو منهن ڏيڻو پيو هو. 17  ساله موسيٰ خان کي به ٽيسٽ ڪيپ ڏيڻ تي سنجيدگي سان غور ڪيو پيو وڃي. البته حتمي فيصلي کان اڳ وڌيڪ هيٺ مٿانهيون ٿينديون ان جي لاءِ نسيم شاهه کي به جڳهه خالي ڪرڻي پئجي سگهي ٿي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو