آسٽريليا جي دوري دوران پاڪستاني بالر ڪارڪردگي سڌارڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام نظر آيا
December 5, 2019 at 4:45 pmلاهور(اسپورٽس نيوز)آسٽريليا ۾ پاڪستاني بالر مڪمل طور تي ناڪام رهڻ جي روايت 20 سالن کان برقرار آهي جڏهن ته وڪيٽون حاصل ڪرڻ جي اوسط دنيا جي ڪنهن به ملڪ کان وڌيڪ رهي.عام طور تي خيال ڪي/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 78
و پيو وڃي ته آسٽريليا جي ڪنڊيشن ۾ پاڪستاني بيٽنگ لائين خاص طور تي ٽاپ آرڊر رانديگرن کي تمام گهڻيون پريشانيون پيش اينديون آهن.حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته گذريل 20 سالن کان بالرن جي ڪارڪردگي به مايوس ڪندڙ رهي آهي. ويب سائٽ(ڪرڪ انفو) جي رپورٽ موجب 1999ع کان هينئر تائين پاڪستاني بالر ڪينگروز جي ملڪ ۾ 52.62 جي اوسط سان وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.