آصف زرداري جا بيان سنجيده نه وٺڻ گهرجن، اڃا هو صدمي جي حالت ۾ آهي: چوڌري فواد حسين

November 7, 2018 at 6:17 pm

اسلام آباد (بيورو) سڌسماءِ جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته آصف علي زرداري جي بيان کي سنجيده نه وٺڻ گهرجي اڃا هو صدمي جي حالت ۾ آهي اربع تي پارلامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته آصف علي زرداري کي ته هر ڳالهه غلط موقعي تي ياد ايندي آهي هو ڀلي ڇا به ڪري پر مقبول نٿو ٿي سگهي هن چيو ته بئنڪن مان ڊيٽا چوري ٿيڻ جي معاملي تي سڀ کان سٺو جواب پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ۾ ويٺل ماهر ڏيئي سگهن ٿا چوڌري فواد حسين چيو ته چوڌري نثار ۽ محمد نوازشريف جو پاڻ ۾ معاملو آهي ان تي مان ڇا ڳالهايان فواد چوڌري چيو ته شهبازشريف کي نوازشريف جي دور جو آڊٽ ڪرڻ لاءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين بنائڻ مذاق آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو