آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري: فريال جو رمانڊ منظور
June 24, 2019 at 5:10 pmاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر جي جسماني رمانڊ ۾ 8 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي. احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر کي پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي ۾ وڪيل لطيف کوسا چيوته شفافيت ڪيو ٿا ته حليما بي بي کي نوٽيس جاري نه ٿا ڪيو، اسان کي ڪا همدردي نه گهرجي ۽ نه وري ڪا اميد آهي. فريال ٽالپر چيو ته هو شگر جي مريض آهي، بلڊ پريشر به هاءِ رهندو آهي، جنهن تي احتساب عدالت جي جج فريال ٽالپر جي ميڊيڪل رپورٽ جو جائزو ورتو ۽ فريال ٽالپر کي هدايت ڪئي ته پنهنجي سيٽ تي ويهي رهي. نيب چيو ته ڪمند جي سپلاءِ جي رڪارڊ جي دستاويزن تي فريال ٽالپر جو موقف وٺڻو آهي، فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته فريال ٽالپر کي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، زمين جو ڪهڙو تعلق آهي، هي شين کي گڏائي رهيا آهن. جاچ آفيسر چيو ته سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ڪمند ڪهڙين شگر ملن کي وڪرو ڪيو ويو، فريال ٽالپر ٻڌايو ته پئسا ڪمند جي قيمت جي مد ۾ آيا هئا، اسان اهڙي بيان جي تصديق ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته زرداري گروپ ڪمند جي سپلاءِ ڪندو آهي، ڪمند جي پوک جا جيڪي آبادگار آهن تن کان بيان وٺڻا آهن، بيان تي فريال ٽالپر کان پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته فريال ٽالپر جا زرداري گروپ ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ شيئر آهن، پارڪ لين ۾ به فريال ٽالپر جو ڪو ڪردار ناهي، پاڪ لين سمٽ بئنڪ کان قرض ورتو. لطيف کوسا نيب تي تنقيد ڪندي چيو ته نيب ماشاءَ تمام گهڻي شفاف جاچ ڪري رهي آهي، الله کين وڌيڪ شفاف ڪم ڪرڻ جي هدايت ڏي، عليما باجي بابت کين ڪجهه نظر ڇو نه اچي رهيو آهي، هنن بي بي شهيد سان به ساڳيو ورتاءُ ڪيو، گهڙي وٺن جيڪوڪجهه گهڙڻو آهي. احتساب عدالت فريال ٽالپر جو 14 ڏينهن رمانڊ منظور ڪندي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 8 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي.