آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف سمورا ڪيس ڪوڙا ۽ بنياد آهن:خورشيد شاهه

December 21, 2018 at 5:24 am

اسلام آباد ( بيورو ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته آصف زرداري اسلام آباد آيندو ته سندس نواز شريف سان ملاقات ٿيندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  خورشيد شاهه چيو ته  آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف سمورا ڪيس ڪوڙا ۽ بنياد آهن. هن چيو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تي ڪو سڌو الزام ناهي، حڪومت  کي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر  خلاف شاهديون پيش ڪرڻيون پونديون، ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي ته کين گرفتار ڪيو وڃي. خورشيد شاهه چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پارليامينٽ هلي پر حڪومت پاڻ وچ مدي واريون چونڊيون ۽ غير يقيني جون ڳالهيون ڪري رهي آهي. هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري جي گرفتاري تي گڏيل احتجاج جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. پ پ اڳواڻ چيو ته بجلي جي اگهن ۾ اضافو ڪري عوام تي 130 ارب رپين جو بار وڌو ويو آهي، سعودي عرب کان به حڪومت کي 2 ارب ڊالر مليا آهن، عوام تي بار به وجهي رهيا آهن ۽ ڪشتو به ٽنگي رهيا آهن.  هن چيو ته صنم ڀٽو سياست جو حصو آهي کيس سياست کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو