آغا سراج دراني جي گرفتاري خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر پاران هنگامو، گئس جا اگهه وڌائڻ تي گوڙ

February 22, 2019 at 6:27 pm

 اسلام آباد: (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽين آغا سراج دراني جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو، جڏهن ته گئس جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو به مطالبو ڪيو ويو.قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته ن ليگي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي خيالن جو اظهار ڪندي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري، سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌ جي مذمت ڪئي. شاهد خاقان عباسي چيو ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي گرفتار ڪيو ويو پر پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڪير پڪڙيندو؟ نيب آئيني عهدن تي ويٺل ماڻهن کي ثبوتن ۽ وارنٽن کانسواءِ گرفتار ڪري رهي آهي، خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ زيادتي آهي.مراد سعيد جواب ڏيندي چيو ته عالمي عدالت انصاف ۾ نواز شريف جو بيان پاڪستان خلاف ثبوت طور پيش ڪيو ويو، جيڪو شخص 3 ڀيرا پاڪستان جو وزيراعظم رهيو اهو غدار طور سامهون آيو، شرم جهڙي ڳالهه آهي ته عالمي عدالت انصاف ۾ نواز شريف جو بيان پاڪستان مخالف انداز سان هلايو ويو.مراد سعيد جي تقرير تي مخالف ڌر اڳواڻن اسيمبلي اندر گوڙ ۽ هنگامو شروع ڪيو ۽ اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ پڻ ڪيو، اسيمبلي ميمبرن بجلي، گئس ۽ مهانگائي خلاف نعريبازي پڻ ڪئي ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، مخالف ڌر جي ميمبرن هٿن ۾ پلي ڪارڊ پڻ کنيا، جنهن تي عوام تي ظلم بند ڪريو جا نعرا لکيل هئا. مخالف ڌر جي ميمبرن گئس جا بل ڦاڙي ايوان ۾ اڇلايا ۽ احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، جنهن تي اسيمبلي جو اجلاس ڪورم پورو نه هجڻ تي ملتوي ڪيو ويو

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو