آمري ڀرسان ٽرڪ ۽ وين وچ ۾ ٽڪر، ڇهه ڄڻا ٿڏي تي فوت، پندرنهن زخمي، انگ وڌڻ جو انديشو

January 25, 2019 at 7:43 pm

سن(رپورٽر)سن ڀرسان انڊس هاءِ وي روڊ تي آمري پل وٽ آمري ٿاڻي جي حد ۾ سيوهڻ کان ڄامشورو طرف ويندڙ تيز رفتار مسافر وين ۽ ٽرڪ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڇهه ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا.جن ۾ محمد امين سولنگي، اعجاز سولنگي سندس پٽ 7 ورهين جو محمد رحيم سولنگي، 35 ورهين جو محمد پريل لغاري، 35 ورهين جي مسمات بختاور گراماڻي، 10 ورهين جي راشدا گراماڻي فوتن ۾ شامل آهن.جڏهن ته ظهير حسين سميجو، نادر حسين سميجو، ڪلثوم ابڙو، پروفيسر ايوب عمراڻي، فرزانه ابڙو، حسنه پروين ۽ مومنا سميت 15 ڄڻا  سخت زخمي ٿي پيا. جڏهن ته ٻنهي گاڏين ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ وڏو ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جو آواز ٻڌي وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻن حادثي واري هنڌ پهچي امدادي ڪاررواين ۾ مصروف ٿي ويا، جڏهن ته ٻئي گاڏيون وچ روڊ تي ڪلٽي ٿيڻ سبب ٽريفڪ پڻ معطل ٿي وئي.جنهن بعد فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڳوٺاڻن وين مان ٻاهر ڪڍي سيوهڻ ۽ سن اسپتال پهچايو، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي.جڏهن ته ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن آمري پوليس ٻنهي گاڏين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٽريفڪ بحال ڪرائڻ ۾ مصروف آهي.01

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو