آپريشن سبب متاثر ماڻهن کي متبادل ڏيڻ جي لاءِ حتمي ڪارروائي مڪمل ڪري ورتي: ڪراچي جو ميئر
November 29, 2018 at 6:19 pmڪراچي(اسٽاف رپورتر) ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جو چوڻ آهي ته حددخلين جي خاتمي واري آپريشن مان متاثر ٿيل ماڻهن کي متبادل ڏيڻ جي لاءِ حتمي ڪارروائي مڪمل ڪري ورتي آهي. ڪي ايم سي بلڊنگ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو ته سپريم ڪورٽ جو پارڪن، مينهن جي نالن ۽ سرڪاري ايراضي تان حددخليون هٽائڻ جو حڪم آهي، حددخلين جي خاتمي وارو کاتو سپريم ڪورٽ جي هدايت تي ڪارروائي ڪري رهيو آهي، سمورا مڪاني ادارا ۽ اسٽيڪ هولڊر ڪارروائي ۾ شريڪ آهن. وسيم اختر ٻڌايو ته آپريشن سبب متاثر ٿيل ماڻهن کي متبادل ڏيڻ جي لاءِ حتمي ڪارروائي مڪمل ڪري ورتي آهي، بلديا عظميٰ 3575 دڪاندارن جي فهرست تيار ڪري ورتي آهي ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي سمري موڪلي ڇڏي آهي. ڪراچي جي ميئر جو چوڻ هو ته پارڪنگ پلازه، لائنز ايريا ۽ ڪي ايم سي مارڪيٽ سميت مختلف علائقن ۾ متبادل دڪان موجود آهن، 1470 متبادل دڪان موجود آهن، 2105 وڌيڪ دڪاندارن جي لاءِ جاءِ حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڏي وزير کي سمري موڪلينداسين.