احتساب سڀني لاءِ پاليسي تي سختي سان عمل ڪري رهيا آهيون: نيب چيئرمين

February 14, 2019 at 7:09 pm

اسلام آباد(بيورو)قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته بدعنواني سمورين براين جي پار آهي جنهن جو خاتمو ذميواري آهي.تفصيل موجب نيب چيئرمين جسٽس ر جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جو نيب هيڊڪوارٽرز ۾ اجلاس منعقد ٿيو.نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين چيو ته ميگا ڪرپشن ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ نيب جي پهرئين ترجيح آهي.جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته احتساب سڀني لاءِ پاليسي تي سختي سان عمل ڪري رهيا آهيون، فيس نه پر ٺوس شاهدين موجب ڪيس تي يقين رکون ٿا.هن چيو ته بدعنواني سمورين براين جي پاڙ آهي جنهن جو خاتمو ذميواري آهي، بدعنواني جي خاتمي لاءِ زيرو ٽالرنس جي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيا آهيون.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو