احتساب واري بندوق جي نشاني تي رڳو شريف ڪٽنب آهي: مريم اورنگزيب

December 11, 2018 at 8:32 pm

 اسلام آباد(بيورو)ن ليگي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته احتساب واري بندوق جي نشاني تي رڳو شريف ڪٽنب آهي، جنهن کي عليما خان، زلفي بخاري، عليم خان ۽ ٻيا نظر نه پيا اچن.خواجا سعد رفيق جي گرفتاري تي ن ليگي ترجمان مريم اورنگزيب ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته هاڻوڪي حڪومت رڳو سياسي انتقام ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي، کيس چوري جي مينڊيٽ جو ڊپ آهي، پنهنجي نااهلي ۽ هٿرادو ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ سياسي ڀڃ ڊاهه جاري آهي، سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي گرفتاري ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، نيب کي نظر نه پيو اچي ته 25 ارب جي پشاور ميٽرو 80 ارب وارن کڏن ۾ ڪيئن تبديل ٿي وئي؟حمزه شهباز کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ بابت مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته نئين پاڪستان ۾ ٻه قانون لاڳو آهن، هڪ مخالف ڌر، شريف ڪٽنب، عوام ۽ ٻيون عمران خان ۽ انهن جي لاڏلن لاءِ آهي، هاءِ ڪورٽ ۽ نيب پاڻ چيو آهي ته حمزه شهباز ڪنهن به ڪيس ۾ گهربل ناهي، جڏهن نيب سڏايو ته حمزه شهباز پيش ٿيندو رهيو، هو پنهنجي گهرڀاتين سان ملڻ لاءِ وڃي رهيو هو، پوءِ ڪهڙي قانون تحت حمزه شهباز جو نالو بليڪ لسٽ ۾ وڏو ويو، غير قانوني قدم کي هر لاڳاپيل فورم تي چئلينج ڪنداسين

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو