احد رضا مير ترڪي ۾ شادي جي ترديد ڪري ڇڏي

December 5, 2019 at 4:45 pm

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار احد رضا مير خوبصورت اداڪاره سجل علي سان ترڪي ۾ شادي جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.ڊرامه سيريل(يقين ڪي سفر) مان مشهوري ماڻيندڙ جوڙي سجل ۽ احد/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 53

 جي شادي بابت خبرون سوشل ميڊيا تي هلي رهيون هيون ۽ چيو پئي ويو ته ٻئي ايندڙ سال يعني 2020 ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا.سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن موجب ٻئي امڪاني طور تي ترڪي ۾ شادي ڪندا جنهن ۾ ويجها مائٽ ۽ ٻيا دوست شامل ٿيندا. پر اداڪارا حمد رضا تازو ئي هڪ ويب شو ۾ ڏنل انٽرويو جي دوران هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته منهنجي طرفان ڪوبه اهڙو بيان ناهي آيو جنهن ۾ مون اهو چيو هجي ته مان ۽ سجل علي ترڪي ۾ شادي ڪنداسين.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو