ادارا آزاد آهن، اسان جي ڪا به مداخلت ناهي ۽ خواهش آهي ته سنڌ حڪومت رويو بهتر ڪري ۽ گڏ هلي:گورنر عمران اسماعيل
April 10, 2019 at 1:24 amحيدرآباد ( رپورٽر ) گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته ادارا آزاد آهن، اسان جي ڪا به مداخلت ناهي ۽ خواهش آهي ته سنڌ حڪومت رويو بهتر ڪري ۽ گڏ هلي. حيدرآباد ۾ گورنر عمران اسماعيل سرڪٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي يونيورسٽي جي جاءِ ڏسڻ لاءِ آيو هئس، رپورٽ تيار ڪري 12 اپريل تي وزيراعظم سان ملاقات ڪري پيش ڪندس، حيدرآباد ٻيون وڏو شهر آهي جتي يونيورسٽي جو نه هئڻ زيادتي آهي حيدرآباد کانپوءِ سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٿر ۾ به يونيورسٽيون قائم ڪنداسين، هر پاسي کان تعليم جي بهتري لاءِ آواز ايندو آهي ۽ واضح ڪيان ٿو ته وفاقي يونيورسٽي لاءِ ڪنهن به صوبي سان رابطو ضروري ناهي. جيڪڏهن بحريه جي يونيورسٽي ٽيڪ اوور ڪرڻي پئي ته ڪو به حرج ناهي، حتمي فيصلو وزيراعظم ئي ڪندو. گورنر عمران اسماعيل چيو ته وزيراعظم سان گڏ هلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، سياسي مخالفت باوجود هر هر ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي گهرايو ۽ ساڻن ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم جي پراڻي ريڪارڊنگ ڏسي وٺو ايم ڪيو ايم نظرياتي پارٽي آهي، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ڪنهن به اداري جي ڪم ۾ مداخلت ناهيون ڪري رهيا، سنڌ حڪومت انڪوائري ۾ رنڊڪون نه وجهي، ادارا آزاداڻي نموني ڪم ڪري رهيا آهن، خواهش آهي ته سنڌ حڪومت رويو بهتر ڪري ۽ گڏ هلي. سنڌ جي گورنر چيو ته زهرا شاهد جا قاتل پڪڙيا ويا آهن ۽ کين سزا ملڻ گهرجي. عمران اسماعيل چيو ته وزيراعظم 172 ارب رپين جي منصوبي جو اعلان ڪيو ته ان جي مخالفت شروع ڪئي وئي، وزيراعظم جتي چاهي منصوبن جو اعلان ڪري سگهي ٿو، منصوبا عام ماڻهن لاءِ آهن جن کي ڪو به نٿو روڪي سگهي، سول ايوي ايشن ۽ ايئرپورٽ کي حيدرآباد مان ختم نه پيو ڪيو وڃي، گهٽ روينيو ۽ نقصان جي ڪري پي آءِ اي سروس بند ڪئي، حيدرآباد کان دبئي يا ٻين شهرن لاءِ سروس شروع ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون.