ادارن جي تباهي ۾ سڀ کان وڏو حصو خورشيد شاهه جو آهي: فواد چوڌري

March 31, 2019 at 7:50 pm

اسلام آباد ( بيورو )  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته  خورشيد شاهه پنهنجا ڪرتوت سامهون رکندي بينظير ۽ ڀٽو کي وڪرو ڪرڻ بند ڪري. ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي فواد چوڌري چيو ته ادارن جي تباهي ۾ سڀ کان وڏو حصو خورشيد شاهه جو آهي. هن چيو ته خورشيد شاهه پنهنجا اعمال سامهون رکندي بينظير ۽ ذوالفقار ڀٽو جي نالن کي وڪرو ڪرڻ بند ڪري، ادارن جي تباهي ۾ سڀ کان وڏو حصو خورشيد شاهه جو آهي.  فواد چوڌري چيو ته خورشيد شاهه ان ڪميٽي جو سربراهه هو جنهن ادارن ۾ ميرٽ جي ابتڙ سياسي ڀرتين جا انڀار لڳايا جيڪي اڏوهي وانگر ادارن کي لڳا ۽ ان جو سڀ کان وڏو ڪيڙو خورشيد شاهه آهي. جمهوريت جون دعويٰ ڪندڙ پارٽيون ڪرپشن جون بادشاهه بڻيل آهن، عوام کي وڌيڪ تڪليف ۾ وجهڻ نه ڏينداسين

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو