ارشد شريف جي قتل ۾ عمران خان ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کان به جاچ ٿيڻ گهرجي :شرجيل انعام ميمڻ

October 27, 2022 at 10:12 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ پيپلز بس سروس جو اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اين آر ٽي سي صهيب شفيق ۽ ايم  ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن ر الطاف حسين ساريو شرڪت ڪئي , اجلاس  ۾ صوبائي وزير کي پيپلز بس سروس جي آپريشنز، نون روٽس، آئي ٽي ايس سسٽم ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم جي قيام بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي  ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ شهرين جي سهولت لاءِ پيپلز بس سروس جي موبائل ايپليڪيشن ۽ آئي ٽي ايس سسٽم کي فعال ڪرڻ جو اعلان ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته موبائل ايپ ذريعي شهرين کي بس سروس کي ٽريڪ ڪرڻ ۽ آن لائن ادائيگي جي سهولت ميسر ايندي. آئي ٽي ايس سسٽم ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرا، اسڪرين، لائيو ٽريڪنگ ۽ مانيٽرنگ جون سهولتون شامل آهن. هن چيو ته سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي آفيس ۾ پيپلز بس سروس جو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم قائم ڪيو پيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز بس سروس موبائل ايپ ۽ آئي ٽي ايس سسٽم کی 30 نومبر کان فعال ڪيو ويندو. جن چیو تہ اسان جي ڪوشش آهي ته پيپلز بس سروس تحت شهرين کي وڌ ۾ وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ٻئي پاسي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ارشد شريف جي قتل ۾ عمران خان ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کان به جاچ ٿيڻ گهرجي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته جنهن جي درخواست تي ارشد شريف کي پشاور ايئرپورٽ تي سرڪاري پروٽوڪول ۾ ٻاهر وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو. عمران خان پنهنجي سياست لاءِ سڀ ڪجهه داءَ تي لڳائي رهيو آهي. هر گذرندڙ ڏينهن سان عمران خان جو اصل چهرو قوم جي سامهون اچي رهيو آهي. هن چيو ته هن شخص جي وات تي رت آهي، هي آزادي مارچ نه پر خوني مارچ آهي. صوبائي وزير چيو ته قوم اندازو لڳائي ته عمران خان ڪيتري حد تائين هليو ويو آهي. هن چيو ته قوم ڪوڙو ۽ ملڪ دشمن شخص جي ڳالهين ۾ نه اچي، ڇا عمران خان نيازي 2011ع کان پوءِ اقتدار ۾ اچي قوم جا خواب پورا ڪيا؟ هن چيو ته عمران خان نيازي جو حقيقي مارچ 2022 هڪ نئون ڊرامو آهي

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو