اسد عمر بهتر ڪم پيو ڪري، فواد چوڌري کي تبديل نه ڪنداسين: شاهه محمود قريشي

December 10, 2018 at 5:37 am

ملتان ( م ڊ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسد عمر ڏکين حالتن ۾ بهتر نموني ڪم ڪري رهيو آهي، مالياتي ڏکيائين مان نڪرڻ سان رپيو مستحڪم ٿيندو. ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته  ملڪ ۾ ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي، اسد عمر ڏکي صورتحال ۾ بهتر ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته ناڻي واري وزير سان معاشي ٽيم آهي ۽ مشوري سان ڪم ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته مالي خسارو وڌي چڪو آهي، تنهن ڪري آءِ ايم ايف وٽ وياسين، مارڪيٽ ۾ تسلسل پيدا ٿيو آهي، رپيو مضبوط ٿيندو ته معيشت مضبوط ٿيندي. سندس چوڻ هو ته  هر معاشري ۾ هڪ طبقو هوندو آهي جنهن جي سوچ ناڪاري هوندي آهي،  سڌو جي سر جي قيمت مقرر ڪرڻ افسوس جوڳو عمل آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته سڌو پراڻي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،  پاڪستان خير سگالي جو پيغام ڏنو جيئن ڇڪتاڻ گهٽ ٿي سگهي. هن چيو ته فواد چوڌري کي تبديل نه پيو ڪيو وڃي،  طالبان کي هٿيار ڇڏي ڳالهين طرف اچڻ گهرجي، پاڪستان افغان مسئلي جو فوجي نه پر سياسي حل چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته افغانستان جي حڪومت پهريون طالبان سان ويهڻ لاءِ تيار نه هئي، انشاءَ الله ايندڙ ڏينهن ۾ بهتري ايندي، پاڪستان جو موقف آهي افغان مسئلي جو حل فوجي ناهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو