اسپتالن ۽ اسڪولن جي رٿائن کي مقرر ڪيل مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي: سيد مراد علي شاهه

December 3, 2018 at 10:01 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورتر) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه صحت ۽ تعليم کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجن اسپتالن ۽ اسڪولن جي رٿائن کي مقرر ڪيل مدي ۾ مڪمل ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ لاڳاپيل پروجيڪٽ ڊائريڪٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن اها ڳالهه اڄ سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ 73 جي مختلف سببن ڪري دير جو شڪار ٿيل رٿائن جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، صوبائي تعليم وارو وزير سيد سردار شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، اي سي ايس هيلٿ ڊاڪٽر عثمان چاچڙ، سيڪريٽري تعليم قاضي شاهد پرويز، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ضلعي هيڊڪوارٽر (ڊي ايڇ ڪيو) اسپتال دادو، 15 ڪمپريهينسو اسڪول، 16 انگريزي ميڊيم اسڪول ۽ 41 ايمرجنسي ڪم ٽراما سينٽرز تي ٿيندڙ ڪمن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. سيڪريٽري تعليم قاضي شاهد وڏي وزير کي ٻڌايو ته مختلف 16 ضلعن ۾ 4.7 بلين رپين جي لاڳت سان 16 انگلش ميڊيم اسڪول تعمير ڪيا پيا وڃن. انهن 16 اسڪولن مان 16 اسڪولن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته حيدرآباد جي اسڪول جو ڪم اڃا تائين مڪمل نه ٿيو آهي. پيڪيج اي ۾ ٽي اسڪول نوابشاهه، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ تعمير ڪيا پيا وڃن. لاڙڪاڻي ۾ معيار جي حوالي سان ڪجهه مسئلا سامهون آيا جنهن تي لاڳاپيل انجنئيرز کي وارننگ ڏني وئي جنهن بعد ان مسئلي کي حل ڪيو ويو. چيئرمين پي اينڊ ڊي ٻڌايو ته پيڪيج بي ۾ چار اسڪول ٺٽو، بدين، ڪوٽڙي ۽ سجاول تعمير ڪيا پيا وڃن ۽ انهن جو ڪم تسلي بخش طريقي سان ٿي رهيو آهي. پيڪيج سي ۾ چار اسڪول گهوٽڪي، خيرپور، نوشهروفيروز ۽ سانگهڙ ۾ تعمير ڪيا پيا وڃن جن مان ٻن جو مانيٽرنگ ڪميٽيءَ دورو ڪيو

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو