اسڪروٽني ۾ نامينيشن فارم بحال ٿيڻ تي ڪارڪنن، جي ڊي اي، سياسي ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيان ٿو :اياز لطيف پليجو

June 12, 2018 at 9:34 pm

حيدرآباد:(پ ر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو جنرل سيڪريٽري ۽ قومي عوامي تحريڪ جو صدر اياز لطيف پليجو اسڪروٽني لاءِ آر او آفيس ۾ پيش ٿيو، جتي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ قاسم آباد جي تڪ پي ايس 62 تي نا/مزدگي فارم بحال ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اياز لطيف پليجي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪروٽني ۾ نامينيشن فارم بحال ٿيڻ تي ڪارڪنن، جي ڊي اي، سياسي ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. آئون اڄ سنڌ سان وچن ٿو ڪريان ته اڄ فارم رڳو اياز لطيف پليجي جو بحال نه ٿيو آهي پر سنڌ جي سمورن ماڻهن جيڪي ظلم، جبر، متڀيد، ظلمن، بيمارين، ميرٽ جي لتاڙ، روزگار جي تباهي جو شڪار آهن، تاريخ انهن کي موقعو ڏنو آهي، آئون وچن ٿو ڪري ته ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبلي ۾ اهو آواز بنجندس جيڪو سنڌ جي خواهش آهي، 70 کان پوءِ جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجي، ڄام ساقي، يوسف لغاري، قاضي فيض محمد، سوڀوگيانچنداڻي جي روپ ۾ انهن جو آواز اسيمبلي ۾ پهچندو، آئون اپيل ٿو ڪريان قادر مگسي صاحب کي ته گذريل اليڪشن ۾ مون قاسم آباد جون 72 پولنگون کٽيون، 8 هزار ووٽن جي ڌانڌلي کانپوءِ منهنجا ووٽ گهٽ ڏيکاريا ويا، جيڪي درحقيقت 23-24 هزار هئا، 72 پولنگون کٽڻ کانپوءِ اسان جي ڀينرن ۽ ڀائر ايجنٽن کي تشدد ڪيو ويو، ان وقت پ پ مخالف 37 هزار ووٽ پيا ۽ ڌانڌلي باوجود پ پ جا 21 هزار ووٽ ظاهر ٿيا. آئون قادر مگسي صاحب، جلال محمود شاهه صاحب ۽ پي ٽي آءِ کي گذارش ڪريان ٿو ته پي ايس 62 تان پنهنجا اميدوار وٿڊرا ڪن ۽ پاڻ فارم واپس وٺن، انهن کي خبر آهي ته اسان هتي ڳوٺ ڳوٺ ۽ پاڙي پاڙي ۾ هليا آهيون، قادر مگسي صاحب جتي به بيهندو اسين سندس ورڪ ڪنداسين، جلال محمود شاهه صاحب جي حمايت ڪنداسين، انهن جو ورڪ ڪنداسين، پي ٽي آءِ جي سٺن اميدوارن جي حمايت ڪنداسين، اسين چاهيون ٿا ون آن ون مقابلا ٿين، سنڌين جي ووٽ کي ورهايو نه وڃي، نه ته انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ ڪرپشن ڪامياب ٿيندي،

برکا جو فيس بوڪ صفحو