افغانستان هٿان زمبابوي کي سيريز جي پنجين ميچ ۾ به شڪست

February 21, 2018 at 5:21 pm

شارجا ( اسپورٽس نيوز) افغانستان زمبابوي کي پنجن ميچن واري سيريز جي آخري ميچ ۾ 146 رنسن شڪست ڏيندي سيريز 4-1 سان پنهنجي نالي ڪري ورتي، افغانستان طرفان 242 جو هدف ۾ زمبابوي 95 رنسن تي ئي ڍير ٿي وئي. شارجا ۾ کيڏي ويندڙ ان ميچ ۾ افغانستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 241 رنسون ٺاهيون انهن جي اننگ ۾ جاويد احمد 76، رحمت شاهه 59 ۽ راشد خان جون 43 رنسون نمايان آهن. زمبابوي طرفان ٿينڊي چٽارا، بليسنگ مزرباني ۽ سڪندر رضا 2، 2 جڏهن ته گريم ڪريم ۽ ٿيندي چيسارو هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. جواب ۾ زمبابوي جي ٽيم 32.1 اوورن ۾ 95 رنسن مجموعي تي ئي ڍير ٿي وئي، ان جي اننگ ۾ ڪريگ ارون 34 ۽ برينڊن ٽيلر جون 27 رنسون نمايان رهيون. زمبابوي جي اننگ ۾ 5 بيٽسمين پنهنجو اڪائونٽ به نه کولي سگهيو.  زمبابوي جي اننگ تي لاٺي چارج ۾ راشد خان 3 وڪيٽون وٽي پنهنجي حصو وڌو، جڏهن ته محمد نبي ۽ شراف الدين اشرف 2،2 وڪيٽون حاصل ڪيون.  ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي راشد خان کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو جڏهن ته شراف الدين اشرف پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو

برکا جو فيس بوڪ صفحو