افغانستان ۾ ڌماڪو: عورت ۽ ٻارن سميت 11 ڄڻا مارجي ويا

October 21, 2018 at 10:46 pm

ڪابل ( ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي ننگر هار جي ضلعي آچن ۾ ڌماڪي ۾ عورت ۽ ٻارن سميت 11 ڄڻا مارجي ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب ننگر هار جي ضلعي آچن ۾ روڊ ڪناري  لڳل بارودي مواد ۾ گاڏي جو ٽڪر ٿيو جنهن سبب زوردار ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ ڇهه ٻارڙا، ۽ هڪ عورت  به شامل آهي. آچن ڌماڪي جي ذميواري ڪنهن به قبول ناهي ڪئي.صوبائي حڪومت جي ترجمان موجب متاثر ماڻهو هڪ وين ۾ موجود هئا، جنهن جي هيٺان اهو ڌماڪو ٿيو . ياد رهي ته گذريل ڏينهن افغانستان ۾ پارلياماني چونڊن دوران دهشتگردي جي مختلف ڪاروائين ۾ 28 ڄڻا مارجي ويا هئا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا هئا، جن ۾ 17 شهري، ڏهه پوليس آفيسر ۽ هڪ فوجي آفيسر شامل هئا. افغان اختيارين موجب سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن طرفان 200 کان وڌيڪ حملا ڪيا ويا هئا.

برکا جو فيس بوڪ صفحو