اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ وڳوڙ ، آءِ جي سنڌ جي طلبي

June 12, 2018 at 9:36 pm

ڪراچي( اسٽاف رپورتر) اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي آفيس ۾ سياسي ڪارڪنن جي وڳوڙ تي ڪمشنر  آءِ جي سنڌ کي  آفيس طلب ڪري سڪيورٽي جي خراب صورتحال تي  ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .  اليڪشن ڪمشنر سنڌ  جي آفيس  ۾ وڳوڙ  دوران اتي پوليس اهلڪارن جو انگ  گهٽ هئڻ تي  اليڪشن ڪمشنر  جلد نوٽيس ورتو .  اليڪشن ڪمشنر سنڌ يوسف  خٽڪ آءِ جي سنڌ  اي ڊي خواجه  کي طلب ڪري سخت  ڪاوڙ جو اظهار ڪندي  چيو ته  اليڪشن  جي آمد  آهي ۽ سڪيورٽي جو هي حال آهي ، پوليس گهربل  انگ ۾ هتي ڇو موجود ناهي ؟  هن سنڌ پوليس کي حڪم ڏنو ته هو اليڪشن ڪميشن آفيسن  جي سڪيورتِ وڌائڻ ، جيڪڏهن ٻيهر اهڙي صورتحال پيش آئي سخت ترين  ايڪشن ورتو ويندو . آءِ جي سنڌ  اي ڊي خواجه  گذريل ڏينهن جي صورٽهال  تي معذرت ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن  ۽ ٻين چونڊ آفيسن  تي سڪيورٽي  وڌائي پئي وڃي . پوليس ۽ اليڪشن ڪميشن گڏجي  انتظامن کي بهتر بڻائيندا.

برکا جو فيس بوڪ صفحو