امريڪي ايجنسي طرفان منظور ڪيل دوائن ذريعي پنجاب ۾ ڪورونا مريضن جو علاج شروع: هاڪاري نتيجا ملڻ جي دعويٰ

March 31, 2020 at 4:23 pm

لاهور (بيورو رپورٽ) پنجاب سرڪار ڪورونا ۾ مبتلا مريضن جي علاج لاءِ امريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن طرفان منظور ڪيل مليريا جون دوائون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ايف ڊي اي طرفان ڪورونا مريضن کي مليريا جي دوا ڪلورو ڪوئين ۽ هائيڊروڪي ڪلوروڪوئين استعمال ڪرڻ جي مشروط منظوري ڏني وئي آهي. پنجاب سرڪار جي اجازت ملڻ کانپوءِ لاهور جي ميئو اسپتال سوڌو ٻين اسپتالن ۾ اُنهن دوائن ذريعي ڪورونا جي مريضن جو علاج شروع ڪيو ويو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو