اميتاب بچن طرفان سڀني کي عيد ميلاد النبي صه جون واڌايون

December 4, 2017 at 12:30 pm

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ بگ بي جي نالي سان مشهور اداڪار اميتاڀ بچن عيد ميلادالنبي جي مبارڪ ڏئي ڇڏي آهي. بالي ووڊ جي بگ بي اميتاڀ بچن سوشل ميڊيا ويب سائٽ فيس بڪ تي حضور اڪرم جي ولادت جي موقعي تي مبارڪ ڏني آهي. بگ بي طرفان لکيو ويو ته ان مبارڪ ڏينهن جي موقعي تي سڀ کي مبارڪ پيش ڪريان ٿو جڏهن ته هن ان مبارڪ ڏينهن تي محبت ۽ امن جو پيغام پڻ ڏنو. اداڪار طرفان ڪيل پوسٽ ۾ ڪجهه تصويرون پڻ شيئر ڪيون ويون جن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار جي تعريف ۾ پڙهي ويندڙ نعتن جا شعر پڻ لکيا ويا آهن جڏهن ته انهن ئي تصويرن ۾ هن مديني جي تصورت پڻ شيئر ڪئي آهي.

برکا جو فيس بوڪ صفحو