اميد آهي شهباز شريف پنهنجا اثاثن مان ڪجهه حصو وزيراعظم فنڊ ۾ ڏيندو: فردوس عاشق اعواڻ

March 31, 2020 at 4:27 pm

اسلام آباد: وزيراعظم جي سڌ سماءُ واري خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اميد آهي ته شهباز شريف پنهنجا اثاثن مان ڪجهه حصو وزيراعظم فنڊ ۾ ڏيندو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهباز شريف ڪورونا جي آڙ ۾ سياسي تنقيد شروع ڪري ڏني آهي، ائين ڪري هو پاڻ کي سياست ۾ زندهه رکڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته ڪورونا وائرس جو مسئلو ڳالهين سان حل نه ٿيندو، شهباز شريف ڪورونا جي خلاف حڪومتي ڪوششن کي داغدار ڪري رهيو آهي، اهو وقت عوام سان گڏ بيهڻ جو آهي، نه ڪي تنقيد ڪرڻ جو.

ڪابينا اجلاس جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ ڇهه نقاطي ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ چئني صوبن ۾ گڊز ٽرانسپورٽ کولڻ جو فيصلو به ٿيو آهي.

فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته سنڌ ۾ لاڪ ڊائون سبب گڊز ٽرانسپورٽ کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو