انشاءَ الله ايندڙ جمعي تائين آزادي ملي ويندي:نواز شريف
February 14, 2019 at 7:18 pmلاهور ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته انشاءَ الله ايندڙ جمعي تائين آزادي ملي ويندي. ڪوٽ لکپت جيل ۾ مسلم ليگ ن اڳواڻن سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته مون کي اهڙي ٽي وي ڏني وئي آهي جنهن تي ڪو به خبر نامو نه ٿو اچي، پي ٽي وي ۾ ڪابه خبر نه ٿي اچي، عدالتي ڪارروائي ڏسڻ کان محروم آهيان. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت اسان جي منصوبن تي پنهنجي نالي جي تختيون لڳائي رهي آهي، هيلٿ ڪارڊ پي ٽي آءِ جو ناهي مسلم ليگ ن جو منصوبو آهي، حڪمرانن وٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه ناهي. نواز شريف کان اڳواڻن پڇا ڪئي ته جيڪڏهن آزادي ملي ته توهان ٻڌايو ته توهان اسپتال، جيل يا گهر وڃڻ پسند ڪندا جنهن تي هن چيو ته جيڪڏهن آزادي ملي ته رائيونڊ جاتي عمرا وڃڻ پسند ڪندس ۽ ايندڙ جمعي تائين آزادي ملي ويندي. نواز شريف چيو ته صبح ستين وڳي سيل کليو ته برسات جي موسم جو مذو ورتو، جيڪڏهن جيل کان ٻاهر هجان ها ته برفباري جو مذو وٺان ها. نواز شريف شعر چيو ته صبح هوتي هي شام هوتي هي زندگي يون هي تمام هوتي آهي.