ايف بي آر مٿان آڱريون سڌيون، ٽيڪس حدف پورا نه ٿيڻ ڪري بجيٽ متاثر ٿئي ٿي: صوبن جي شڪايت

February 7, 2019 at 9:35 pm

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اين ايف سي ڪميشن جي اجلاس ۾ وفاق ۽ صوبن معاشي ترقي ۽ خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ روينيو وصولين کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته اين ايف سي ڪميشن جي اجلاس ۾ صوبن پاران هر سال بجيٽ ۾ ايف بي آر کي ٽيڪس وصولين جا هدف واضح طور تي ڏيڻ ۽ انهن کي مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ايف بي آر پاران مقرر ٽيڪس هدف پورا نه ٿيڻ تي صوبن جون بجيٽون متاثر ٿين ٿيون، ان ڪري ٽيڪس حدفن کي واضح هجڻ گهرجي، جيئن صوبا منظور بجيٽن تحت پنهنجو ڪم ڪري سگهن. ٻئي پاسي ناڻي وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر خاقان نجيب چيو آهي ته اين ايف سي ڪميشن جي اجلاس ۾ ملڪ اندر ڪاروبار کي آسان بنائڻ لاءِ 11 نقطن جو جائزو ورتو ويو، اين ايف سي ڪميشن ۾ ملڪ اندر ڪاروبار کي آسان بنائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، وفاق ۽ صوبا گڏجي ڪاروبار کي آسان بنائڻ کي هٿي ڏيندا، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته وفاق ۽ صوبا گڏجي ملڪ ۾ روزگار جا ذريعا وڌائيندا، آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ صوبن جي شرڪت ضروري آهي، مالياتي خسارو وفاق توڙي صوبن لاءِ چيلينج آهي، وفاق وانگر صوبن ۾ معاشي اصلاحن جي گنجائش موجود آهي، وفاق وانگر صوبن ۾ به ٽيڪس آمدني وڌائڻ جي ضرورت آهي، اين ايف سي ڪميشن جي اجلاس ۾ غربت ۽ پسماندگي وارن مسئلن کي مساوي مسئلو قرار ڏنو ويو آهي، فاٽا ۾ پسماندگي ۽ بلوچستان ۾ غربت پوري قوم جو مسئلو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو