ايندڙ چونڊون شفاف ٿينديون، پوليس ان دوران ايمانداري سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي: اي ڊي خواجا

May 15, 2018 at 8:52 pm

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽر)آءِ سنڌ اي ڊي خواجا چيو آھي ته ايندڙ چونڊون شفاف ٿينديون، پوليس پنھنجو ڪردار منصفاڻو ۽ ايمانداراڻو ادا ڪندي.اھڙيون ڳالھيون ھن رتوديرو ۾ رپورٽنگ روم جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيون آھن. اي ڊي خواجا چيو ته ميھڙ واقعي ۾ جاچ ھلي رھي آھي، انصاف ٻنھي ڌرين کي ملندو، ڪنھن سان به ناانصافي نه ٿيندي. ھن چيو ته سنڌ اندر امن امان جي صورتحال ڪافي بھتر ٿي آھي، اڳ ۾ اغوائن جون وارداتون ڪافي انگ ۾  ٿينديون ھيون، ھاڻي ڪنھن حد تائين ان ۾ گھٽتائي آئي آھي.ان دوران ڏھن سالن جي ھندو نينگر گنيش پنڊت مھراج آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کان ٻارڙن جي اغوا وارين وارداتن کي روڪڻ لاءِ سوال ڪري ورتو، جنھن تي اي ڊي خواجا معصوم ٻار کي پيار ڪيو ۽ معصوم ٻار جي ذھانت جي تعريف ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٽيلنٽ موجود آھي.

برکا جو فيس بوڪ صفحو