ايڊز کي روڪڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين، پروگرام جي پاڻ نگراني ڪندس:وزيراعليٰ سنڌ
June 24, 2019 at 5:19 pmڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار صوبي ۾ ايڇ آءِ و/ايڊز مريضن جي امداد توڙي سهائتا لاءِ انڊومينٽ فنڊ جي منظوري ڏيندي ڪميٽي جوڙي ڇڏي. جاري ٿيل بيان موجب وڏي وزير مراد علي شاهه ايڇ آءِ وي/ايڊز مريضن جي امداد لاءِ هڪ ارب رُپين جي انڊومينٽ فنڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کي 6 رُڪني ڪميٽي هلائيندي. بيان موجب انڊومينٽ فنڊ کي هلائڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽي ۾ صحت کاتي جي صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو، لاڳاپيل ايم پي اي، فنانس ڊپارٽمينٽ جو نمائندو ۽ ايڇ آءِ وي توڙي ايڊز جي مرض جي حوالي سان ماهر ميمبر هوندا. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪميٽي جي ذميواري ۾ايڇ آءِ وي/ايڊز جي مريضن لاءِ فلاحي اسڪيم شروع ڪرڻ، مريضن لاءِ مختلف پروگرامز شروع ڪرڻ، عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ دوائن جي خريداري توڙي ورڇ شامل آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز کي روڪڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، آئون پاڻ هن پروگرام تي عملدرآمد جي نگراني ڪندس.