ايڊيليڊ ٽيسٽ: آسٽريليا پاڪستان کي شڪست ڏئي وائٽ واش ڪري ڇڏيو
December 2, 2019 at 5:26 pmسڊني(اسپورٽس نيوز) ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي اننگز ۽ 48 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ وائٽ واش ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻئين ٽيسٽ ۾ آسٽريليا قومي/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 78
ٽيم کي اننگز ۽ 48 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ وائٽ واش ڪري ڇڏيو.ايڊيليڊ ۾ کيڏيل ٻئي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن جڏهن پاڪستان پنهنجي ٻئي نامڪمل اننگز جي شروعات ڪئي ته پاڪستان جو گڏيل اسڪور 3 وڪيٽن جي نقصان تي 39 رنسون هو جڏهن ته ڪريز تي شان مسعود ۽ اسد شفيق موجود هئا. ٻنهي رانديگرن انتهائي ذميواري جو مظاهرو ڪيو ۽ 103 رنسن جي پارٽنر شپ قائم ڪئي پر 123 جي گڏيل اسڪور تي شان مسعود 68 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته اسد شفيق 57 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.