اٺاويهه سال اڳ سواري نه رکندڙ اڄ ملڪيتن جا مالڪ آهن: نيب چيئرمين
January 31, 2019 at 7:53 amاسلام آباد(بيورو) 28 سال اڳ سواري نه رکندڙ اڄ دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ ملڪيتن ۽ ٽاورن جا مالڪ آهن، پڇو ته اهو سڀ ڪٿان کان آيو ته اهو ڏوهه آهي؟.قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جو وفاقي سيڪريٽريز کي خطاب ڪندي جو چوڻ هو ته بيوروڪريسي ملڪ لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، ان جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي.اعليٰ عدليا سميت مختلف ادارن ۾ اهم ذميواريون انجام ڏنيون، ان لاءِ بيوروڪرسي جي مسئلن کان آگاهه آهيان،ر ملڪي ادارا مضبوط ٿيندا ته ملڪ مضبوط ٿيندو.نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جو چوڻ هو ته هزارين ڪيسن مان بيوروڪيسي خلاف ڪيس نه هجڻ جي برابر هئا پر پروپيگنڊا ڪئي وئي ته نيب سبب بيورو ڪريسي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، ان پروپيگنڊا جو مقصد نيب تي الزام تراشي ۽ بيوروڪريسي جي حوصلا شڪني ڪرڻ هو.هن جو چوڻ هو ته نيب اوهان جو پنهنجو ۽ انسان دوست ادارو آهي، اسان کي ملڪ جي ترقي ۽ بدعنواني جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، اسان پاڪستان جي ڪري اڄ انه ناهم عهدن تي ويٺل آهيون، اسان سڀني کي ملڪ جيڪو ڪجهه ڏنو آهي اهو اسان تي فرض آهي ۽ اسان کي اهو قرض لاهڻو آهي.