اڃا ته لانگ مارچ جو اعلان ئي نه ڪيو ته وزيراعظم هائوس مان رڙيون نڪري ويون آهن :بلاول ڀٽو زرداري

March 26, 2019 at 7:48 pm

ڪراچي(نمائندن وٽان) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته اڃا ته لانگ مارچ جو اعلان ئي نه ڪيو ته وزيراعظم هائوس مان رڙيون نڪري ويون آهن، آئين کي ختم ڪري ون يونٽ لڳائڻ چاهين ٿا، عدالتن جو سدائين احترام ڪيو آهي ۽ ڪندا رهنداسين پر ڇا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، مشرف خلاف غداري ڪيس ۽ اصغر خان ڪيس سست رفتاري جو شڪار ناهن؟ انهن ڪيسن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڇو نه ٿو ورتو وڃي، ماڻهن جي جبري گشمدگي ۽ ميڊيا سينسرشپ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جو ڪراچي کان نڪتل ٽرين مارچ حيدرآباد کان منزل طرف روان دوان آهي، حيدرآباد پهچڻ بعد ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته اسان کي احتساب تي نه، انتقام تي اعتراض آهي، جيڪو ڪيس ڪراچي ۾ هو، اهو پنڊي ۾ ڪهڙي قانون تحت هلايو پيو وڃي؟ پنڊي ۾ ڀٽو لاءِ سدائين برپا ڪيو ويو آهي، هن چيو ته احتساب جي نالي تي انجنيئرنگ پوليٽيڪل انتقام قبول نه ڪنداسين، بلاول مخالفن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اهي سمجهن ٿا ته بيبي جو پٽ ڊڄي ويندو، جنهن آئين لاءِ شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو قرباني ڏني، ان آئين کي ختم ڪري ون يونٽ لڳائڻ چاهين ٿا، بلاول عوام سان مخاطب ٿيندي چيو ته هاڻي اوهان فيصلو ڪندئو، اسلام آباد يا پنڊي ۾ ويٺل وزير فيصلا نه ڪندو، پ پ چيئرمين وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته نيازي اوهان جا 120 ارب رپيا چوري ڪيا آهن، عوام جو اهو پيسو کائنس کسي وٺنداسين، سوچيو ته انهن 120 ارب رپين مان ڪيترا اسڪول ۽ اسپتالون ٺهي سگهن ٿيون. پ پ چيئرمين چيو ته مخالفن کي تڪليف ٿي آهي ته شهيد ڀٽي جو ڏُهٽو اسيمبلي ۾ ڇو پهتو. ان کان اڳ ڪراچي جي ڪينٽ اسٽيشن کان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل ٽرين مارچ جو سفر جاري آهي. ٽرين مارچ ڪينٽ اسٽيشن کان لانڍي اسٽيشن پهتو ته وڏي انگ ۾ اسٽيشن تي موجود ڪارڪنن آجيان ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ٽرين مارچ ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سوڌو پ پ جا مرڪزي اڳواڻ توڙي صوبائي وزير شامل آهن. اُن کانسواءِ عورت جيالين سوڌو ڪارڪنن جو وڌو انگ به ٽرين مارچ ۾ شامل آهي. لانڍي اسٽيشن تي جڏهن ٽرين مارچ پهتو ته ڪارڪنن جيئي ڀٽو جيئي بلاول جي نعرن سان سندس آجيان ڪئي. اُن موقعي تي پارٽي جي گيتن تي ڪارڪنن رقص پڻ ڪيو. اُن کانپوءِ ٽرين مارچ جو قافلو جُنگشاهي ريلوي اسٽيشن تي پهتو، جتي وڏي انگ ۾ ڪارڪنن قافلي جي آجيان ڪئي. ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار سنڌ جا 120 ارب رُپيا روڪي صوبي جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي. اسان کي ايوب، ضياءُ ۽ مشرف جي آمريت نه ڊيڄاري سگهي ته موجوده حڪمرانن کان ڇو ڊڄنداسين. پي ٽي آءِ حڪومت 18هين ترميم کي ختم ڪرڻ گهري ٿي، پيپلز پارٽي جا ڪارڪن شهيد ڀٽو جي فلسفي تحت جدوجهد جاري رکندا ۽ شهيد ڀٽو اُهو ليڊر آهي، جنهن آمريت اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو ۽ عوام لاءِ شهادت به قبول ڪئي. ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي بلاول جي ٽرين مارچ جي شاندار آجيان جون تقريرون ڪيون ويون آهن، وڏي انگ ۾ جيالا ۽ جياليون توڙي پارٽي اڳواڻ اسٽيشنز تي پهتل آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو