اڄ جي رياستِ مدينه ڪهڙي هئڻ گهرجي؟محمود شام
November 24, 2019 at 6:07 pm”اي منهنجا الله! منهنجو سينو کولي ڇڏ. منهنجو ڪم آسان ڪري ڇڏ. منهنجي زبان جي ڳنڍ کولي ڇڏ، جيئن منهنجي ڳالهه سمجهن“. اها اسان سڀني جي آرزو آهي، واگها کان گوادر تائين سڀئي اهو چاهين ٿا ته اسان کي پنهنجي عظيم پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي دور جهڙو زمانو نصيب ٿئي. خلفاءِ راشدين جهڙا حڪمران عطا ٿين. جيڪڏهن پاڪستان ۾ ريفرنڊم ٿئي ته يقينن 100 سيڪڙو اسلامي نظام جي حق ۾ راءِ ملندي. سبب اهو آهي ته سرمائيداري نظام، مغربي جمهوريت، صدارتي نظام، فوجي حڪمران سڀ تجربا ناڪام ٿي چڪا آهن، انهن سان پاڪستانين جا مسئلا حل نه ٿيا، تاريخ گواهي ڏيندي ته اهي سڀ نظام انهن جي قائم ڪرڻ وارن پاڻ ئي ناڪام ڪيا. ان تحت جيڪڏهن ڪو حڪمران ”رياستِ مدينه“ جوڙڻ جو عزم ظاهر ڪري ٿو ته ڇا اسان کي هن جي مدد نه ڪرڻ کپي. اسان مان ڪير آهي جيڪو مديني جي رياست ۾ رهڻ نه چاهيندو هجي. مديني ۾ به هاڻي رياستِ مدينه جهڙو نظام نه آهي، پوءِ به اسان مان اڪثر جي التجا هوندي آهي ته ”مولا گهرائي وٺ مديني مون کي“.
آئون سڀ کان پهرين ته اوهان کان معافي وٺندس ۽ الله تعاليٰ جي حضور به پنهنجي غلطي تي عفو جي التجا ڪندس ته هيءَ تحرير مون کي ٻه سال اڳ لکڻ گهرجي ها، پر هاڻي به ڪنهن ان عظيم منصوبي تي ڪم نه ڪيو آهي. ان لاءِ منهنجي درخواست ۽ اظهار تمنا هاڻي به بروقت آهي.
”رياستِ مدينه“، امتِ مسلمه جي تمنائن ۽ اميدن جو محور مرڪز. اسان پندرهن صديون پويان موٽي ان ارض مقدس جي گهٽين ۾ گهمڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا. رحمتون وسندي ڏسندا آهيون، سڀني کي انصاف ملندي نظر ايندو آهي. الله تعاليٰ جي محبوب پيغمبر آخر الزمان صلي الله عليه وآله وسلم پاڻ ملڪ جو سربراهه هو. ملڪ جو سربراهه آهي، سپهه سالار آهي، دين جو منبع آهي، هدايت جو سرچشمو آهي. پوءِ ان جا عظيم صحابه ڪرام انهن جا جان نثار انتهائي مشڪل حالتن ۾، چيلنجن جي مقابلي ۾ ڪلمه طيبه جو آواز بلند ڪرڻ وارا. جن جي سيني ۾ خوفِ خدا ۽ عشقِ نبي سان معمور آهن.
اڄ جو هڪ حڪمران اسان کي ان دور ۾ وٺي وڃي رهيو آهي. ان جي نيت تي ته شڪ نٿو ڪري سگهجي پر اهو سوال ضرور ڪري سگهجي ٿو ته هو ايتري نازڪ ڏکي ذميواري ڇو پنهنجي مٿي تي کڻي رهيو آهي. ڇا هن کي اندازو آهي ته هو جنهن رياستِ مدينه جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ان جي سربراهه ڪهڙي ذات اقدس هئي. اسان گنهگار ڪٿي، هو عظيم هستيون ڪٿي. اسان انهن جي قدمن جي خاڪ به نه آهيون. اسين، انهن جي ايثار، جذبي ۽ عشق جو ڪروڙين حصو به نه آهيون. ان جي باوجود اسان جيڪڏهن اهو سوچي رهيا آهيون ته اسان کي ان جهڙي رياست جوڙڻ واري رستي تي هلڻو آهي، هڪ 1500 سال طويل ڪوريڊور تعمير ڪرڻو آهي ته ان جي لاءِ انهن دعويدارن کي کپي ته پنهنجي ٽيم ۾ اهڙن ماڻهن کي شامل ڪن، جيڪي رياستِ مدينه جي رهڻ وارن جي ايثار کان آگاهه هجن. جيڪي مال ۽ دنيا جي دولت کان بي نياز هجن، جن جي دل ۾ خوفِ خدا هجي، جنهن جي سيرت رسول اسوهء حسنه جو تفصيلي مطالعو ڪيو هجي. 22 سالن جي جدوجهد چوڻ آسان آهي پر ان ۾ جدوجهد ته گذريل چئن پنجن سالن جي ئي آهي. 22 سال وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ جو انتظار ته چئي سگهون ٿا، انهن 22 سالن ۾ اوهان رياستِ مدينه جي واليءَ جي سيرت، انتظام، جنگي حڪمت عملي، ٻين حڪمرانن سان خط و ڪتابت، پنهنجن ماڻهن سان حسن سلوڪ تي ڪنهن ڪنهن جا ڪتاب پڙهيا. ڇا شبلي نعماني جي سيرت النبي صه پڙهي. محمد حسنين هيڪل جي حياتِ محمد صه جو مطالعو ڪيو؟ گهڻن ئي غير مسلمن انگريزي، فرانسيسي، جرمن ۾ حضور اڪرم صه جي باري ۾ وسيع دستاويز ترتيب ڏنا آهن. انهن تي نظر وڌي؟ جيڪڏهن اوهان واقعي رياستِ مدينه جي قيام لاءِ مخلص آهيو ته ڇا ڪا ٽاسڪ فورس ٺاهي آهي، جيڪا ايڪيهين صديءَ ۾ رياستِ مدينه جهڙي نظام جي قيام لاءِ رهنما ليک ترتيب ڏي؟ اڄ جا قانون، ضابطا ۽ ڪهڙا ڪهڙا قائدا رياستِ مدينه جي اصولن سان ٽڪراءَ ۾ آهن؟ ان جو متبادل ڇا ٿي سگهي ٿو. هن حڪمران ته اڃا تائين ائين ناهي ڪيو، پر ڇا اسان جي يونيورسٽين، ديني مدرسن، تحقيقي ادارن ۽ علماءِ ڪرام ۽ سيرت نگارن جو فرض ناهي ته هو اڳيان اچن ۽ سيرت النبي صه جي تناظر ۾ اڄ جي رياستِ مدينه جي وجود ۽ ضابطن جو تعين ڪري.
هڪ حاڪم جيڪڏهن سٺي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته ان جو هٿ ۽ ٻانهون بڻجون. جيڪڏهن صرف پنهنجي اقتدار جي مدت وڌائڻ جي لاءِ رياستِ مدينه جو سهارو ورتو ويو آهي ته ان کي بي نقاب ڪريون. ان موقعي جو فائدو وٺندي هڪ اسلامي رياست جي هيئت حاڪمه ته قلمبند ڪري ڇڏي. عمران خان پنهنجي زلفين، اسدن، فوادن، قريشين، نعمين، فردوسن جي مدد سان ته رياستِ مدينه جو وجود نٿو آڻي سگهي هي عالمي بينڪ، آئي ايم ايف جي سامهون ڪشڪول کڻي وڃڻ وارا رياستِ مدينه جي عظمتن کان ڪيئن واقف ٿي سگهي ٿا. علماء ۽ محققن کي واضح لفظن ۾ ٻڌائڻو پوندو ته ايڪيهين صدي جي رياست مدينه ۾ مالياتي نظام ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. بينڪنگ ڪيئن ٿيندي، اسٽيٽ بينڪ هوندي يا نه، زراعت ۽ صنعت جي ڪهڙي حدبندي هوندي، جرم ۽ سزا جو تعين ڪيئن ٿيندو. پنهنجن ۽ پراون سان واپار ڪيئن ٿيندو؟
رياست مدينه ۾ ميڊيا هوندي يا نه، هتي سربراهه مملڪت، سربراهه حڪومت، سپهه سالار الڳ الڳ هوندا يا سڀ اختيار ڪنهن هڪ وٽ هوندا.
رياست مدينه ۾ اليڪشن ڪميشن اها ئي هلي سگهي ٿي يا ان جي هيئت مختلف هوندي؟ پارليامينٽ ۾ صادق ۽ امين جو تعين ڪير ڪندو؟ جيڪڏهن اسان اهو سڀ ڪجهه نٿا ڪري سگهون ته اسان جي گنهگار لبن تي رياستِ مدينه جهڙا مقدس لفظ نه اچڻ گهرجن.