اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي طبي بنيادن تي 6 هفتن لاءِ ضمانت منظور

March 26, 2019 at 7:44 pm

اسلام آباد (بيورو ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي طبي بنيادن تي 6 هفتن لاءِ  ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته هڪ خط جي بنياد تي نواز شريف جي ضمانت جو ڪيس ٺاهيو ويو آهي.  چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي طبي بنيادن تي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.  نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته پنجن ميڊيڪل بورڊن نواز شريف جي طبعت جو جائزو ورتو ۽ ميڊيڪل بورڊ نواز شريف کي اسپتال منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي، نواز شريف کي هائپر ٽينشن، دل، گڙدي ۽ شگر جا مرض آهن جنهن ۾ گڙدن جو مرض انجيو گرافي ۾ پيچيدگين جو سبب آهي. چيف جسٽس چيو ته جنهن بنياد تي ڪيس ٺاهيا پيا وڃن اهو هڪ خط آهي،  توهان جو ڪيس ئي اهو آهي ته ڏينهون ڏينهن صحت خراب ٿي رهي آهي، صحت ۽ مرض خراب ٿيڻ جي بنياد تي ئي سزا معطلي جو ڪيس ٺهي ٿو، توهان جو سمورو دارو مدار رڳو ڊاڪٽر لارنس جي خط تي آهي،  اسان کي اها به خبر ناهي ته ڊاڪٽر لارنس زنده به آهي يا نه آهي، فوجداري ڪيس ۾ خط تي نه ڀاڙيو ويندو آهي.  سپريم ڪورٽ درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي نواز شريف جي 6 هفتن لاءِ طبي بنيادن تي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو