بابر اعظم گابا جي گرائونڊ ۾ هڪ سئو رنسون ٺاهيندڙ ٽيون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو

November 26, 2019 at 4:17 pm

سڊني (اسپورٽس نيوز) بابر اعظم گابا ۾ هڪ سئو رنسون ٺاهيندڙ ٽيون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو آهي. ان کان اڳ هتي سعيد انور ۽ اسد شفيق به ٿري فيگر اننگز کيڏي چڪا آهن. پر انهن ٽنهي ۾ اها هڪ/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 77

جهڙائي رهي ته هنن ٽنهي ٻئي اننگز ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو ۽ ٽنهي ميچن ۾ پاڪستان کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. بابر ڪيريئر جي 22هين ٽيسٽ جي اختتام تي گڏيل طور تي 1340 رنسون  36.21 جي اوسط سان ٺاهي چڪو آهي. ان جي اوسط ۾ بهتري آئي آهي.  10 ٽيسٽ ۾ ان جي اوسط 25.94 هئي. ٻئي طرف رضوان 95 رنسون ٺاهي آسٽريليا ۾ وڏي اننگز کيڏندڙ پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر بڻجي ويو آهي. ان کان اڳ سرفراز احمد 2017 ۾ سڊني ٽيسٽ ۾ 72 رنسون ٺاهيون هيون.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو