بجيٽ 20-2019ع: وفاقي ٽئڪس ۾ سنڌ جو حصو 8 کرب 14 ارب ۽ پنجاب جو 16 کرب 11 ارب رُپيا رکڻ جو اعلان
June 12, 2019 at 4:34 amاسلام آباد (بيورو رپورٽ) نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ورڇ جوڳي پول ۾ صوبن جو حصو مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران مملڪتي وزير حماد اظهر چيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن لاءِ مجموعي طور 35 کرب 14 ارب 15 ڪروڙ 70 لک رُپيا ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ورڇ جوڳي پول مان پنجاب کي 16 کرب 11 ارب 36 ڪروڙ 40 لک رُپيا ڏنا ويندا، جڏهن ته سنڌ کي 8 کرب 14 ارب 91 ڪروڙ 60 لک رُپيا ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ورڇ جوڳي پول مان ڪي پي کي 5 کرب 33 ارب 26 ڪروڙ 10 لک رُپيا ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته بلوچستان کي 2 کرب 94 ارب 98 ڪروڙ 30 لک رُپيا ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي. جيٽ تقرير دوران مملڪتي وزير چيو ته ماضي ۾ بجيٽ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ کان قرض ورتو ويندو هو، هاڻي نه ورتو ويندو، هن چيو ته حڪومتي خرچن کي 460 ارب رُپين مان گهٽائي 437 رُپيا ڪيو ويو آهي. بجيٽ قومي ترقياتي پروگرام لاءِ 1800 ارب رُپيا رکيا ويا، ڪُل دستيابي وسيلن لاءِ 70 سئو 36 ارب 30 ڪروڙ رُپيا ڪاٿو لڳايو ويو آهي. قومي ترقياتي پروگرام لاءِ 1800 ارب رُپيا مخصوص ڪيا ويا، جڏهن ته پرڏيهي ذخيرن مان حاصل ٿيندڙ رقم جو هدف 1828 ارب 80 ڪروڙ رُپيا رکيو ويو آهي، مملڪتي وزير بجيٽ تقرير ۾ ٻڌايو ته بجيٽ ۾ وفاقي ترقياتي پروگرامن لاءِ 950 ارب رُپيا رکيا ويا. سندس چوڻ هو ته عسڪري ادارن پنهنجي بجيٽ ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو ۽ هن ڀيري بجيٽ ۾ 1150 ارب رُپيا برقرار رکيا ويا، جڏهن ته سول بجيٽ 460 ارب رُپين مان گهٽتائي ڪري 437 ارب رُپيا ڪرڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي. وفاقي سرڪار نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ پيش ڪندي مملڪتي وزير حماد اظهر سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌائڻ جو اعلان ڪيو. بجيٽ ۾ پاڪ فوج سوڌو سويلين ادارن جي هڪ کان 16 گريڊ تائين ملازمن جون پگهارون 10 سيڪڙو وڌائي وئي آهي. وفاقي ڪابينا پنهنجي پگهار ۾ 10 سيڪڙو گهٽائي جو فيصلو ڪري ڇڏيو. بجيٽ تقرير دوران مملڪتي وزير ٻڌايو ته 17 کان 20 گريڊ تائين سرڪاري ملازمن جون پگهارون 5 سيڪڙو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 21 کان 22هين گريڊ تائين ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو نه ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبرز ٻانهن ڪاريون پٽي ٻڌي شرڪت ڪئي ۽ بجيٽ خلاف نعريبازي ڪندا رهيا. قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان به شرڪت ڪئي، جڏهن ته اپوزيشن طرفان اڳواڻن جي گرفتاري خلاف احتجاج طور ڪاريون پٽيون ٻڌي شرڪت ڪئي وئي آهي. مملڪتي وزير حماد اظهر جي بجيٽ تقرير دوران اپوزيشن ميمبرز مختلف وقتن تي شيم شيم جا نعرا هڻندا رهيا. جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ميمبرز هٿن ۾ بئنرز ۽ پلي ڪارڊ کڻي آءِ ايم ايف جي بجيٽ نامنظور جا نعرا هڻندا رهيا.