بلاول ڀٽو زرداري پاران وفاقي حڪومت تي قتل جي ڌمڪين جو الزام
March 19, 2019 at 8:14 pmڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت تي قتل جي ڌمڪين جو الزام مڙهيو آهي.ٽوئيٽر تي بيان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مون پابندي مڙهيل تنظيمن سان تعلق رکندڙ وزيرن جي برطرفي جو مطالبو ڪيو پر حڪومت مون کي قتل جون ڌمڪيون، نيب نوٽيس ۽ ملڪ دشمن قرار ڏئي ان جو جواب ڏنو، جڏهن ته انهن مان ڪوبه هٿڪنڊو مون کي پنهنجي اصولي موقف تان نه ٿو هٽائي سگهي.بلاول هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيول قومي سلامتي پارليامينٽ ڪميٽي جوڙڻ ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ورجائيندي چيو ته جيڪڏهن حڪومت چاهي ته اپوزيشن انتهاپسندي ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪريڪ ڊائون کي سنجيدا ڪوشش سمجهي ته پوءِ انهن پابندي مڙهيل تنظيمن کي ڇوٽ ڏيڻ جو واعدو ڪندڙ وزيرن کي برطرف ڪرڻو پوندو.پ پ اڳواڻ چيو ته چونڊ مهم ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي حمايت حاصل ڪندڙن برطرف ڪيو وڃي، ڪابينا ۾ انهن وزيرن جي موجودگي تائين حڪومتي دعوائون کي ڪوبه سنجيدا نه وٺندو، انهن تنظيمن کي مرڪزي ڌاري ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندڙ ۽ انهن جي تربيتي ڪيمپن جي حمايت ڪندڙن کي وفاقي ڪابينا مان ڪڍڻو پوندو.ان موقعي تي بلاول شيخ رشيد جي دفاع پاڪستان ڪانفرنس ۾ جلسي کي خطاب ۽ اسد عمر جي انصارالامه جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان خليل سان ملاقات جي وڊيو ۽ تصويرون به شيئر ڪيون.