بلاول ڀٽو مولانا فضل الرحمان جي اي پي سي جي دعوت قبولي ورتي
November 25, 2019 at 5:08 pmاسلام آباد: (بيورو)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان طرفان گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت قبولي ورتي آهي.بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر موجب چيئرمين پيپلز پارٽي اپوزيشن پارٽين جي اي پي سي ۾ پاڻ شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 07
آهي. هن ٻڌايو ته اي پي سي ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ پارٽي وفد شرڪت ڪندو جنهن ۾ سينئر اڳواڻ به شامل هوندا. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اپوزيشن جي تحريڪ جي حوالي سان پارٽي جي پاليسي اي پي سي ۾ رکندو.