بلور خاندان جون شهادتون وطن تي قرض آهن: خورشيد شاهه

July 11, 2018 at 8:30 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه بئريسٽر هارون بلور جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردن هارون بلور کي شهيد ڪري بلور خاندان تي نه پر سڄي قوم تي ضرب لڳائي آهي. بلور خاندان جون شهادتون وطن تي قرض آهن ۽ اسان اهو قرض لاهينداسين.هن شهيدن لاءِ بلند درجن ۽ زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي. ٻئي پاسي پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آهي ته بلاول ڀٽو جي مقبوليت سبب استحصالي ٽولو پريشان آهي، هر چونڊ دوران آصف زرداري خلاف ڪردار ڪشي جي مهم هلائي وڃي.جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو جي مقبوليت ڏسي ختم ڪيل ڪيس ياد اچي ويا آهن، بلاول جي مقبوليت سان استحصالي ٽولو پريشان آهي، انهن کي شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل جو ريفرنس ياد ڇو نٿو اچي. هن چيو ته مهرا ناڪام ٿيا ته انهن جا آقا سرگرم ٿي ويا آهن.

برکا جو فيس بوڪ صفحو