بيٽس مين محمد رضوان آسٽريليا خلاف برسبين ٽيسٽ ۾ نروس نائنٽيز جو شڪار ٿي ويو
November 24, 2019 at 6:26 pmبرسبين(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪيپر بيٽس مين محمد رضوان آسٽريليا خلاف برسبين ٽيسٽ ۾ نروس نائنٽيز جو شڪار ٿي ويو ۽ 5 رنسن جي فرق سان ڪيريئر جي پهرين سنچري مڪمل نه ڪري سگهيو، محمد رضوان پاران آسٽريلوي بائولرز ڪاڊٽ جو مقابلو ڪيو ۽ 95 رنس جي شاندار اننگز کيڏي جنهن ۾ 10 چوڪا شامل آهن. هي ان جي ٽيسٽ ڪيريئر جي بهترين اننگز آهي.