تاجر برادري جا جيڪي به مسئلا ۽ ڏکيائيون آهن ان جي حل لاءِ ڪوشان آهيون:فضل الرحمان

July 9, 2018 at 9:12 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نگران سنڌ جي وڏي وزير فضل الرحمان چيو آهي ته قومي معيشت کي مضبوط بنيادن تي قائم ڪرڻ جي حوالي سان صنعتڪارن ۽ تاجر برادري جي ڪردار کي نظرادناز نٿو ڪري سگهجي صنتعڪارن ۽ تاجر برادري جا جائز مسئلا حل ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيحي آهي صوبي جي مسئلن ۽ چئلينجز مان ڪڍڻ جي حوالي سان صنعتڪارن ۽ تاجر بردري جو خاص ڪردار آهي اهڙنخ يالن جو اظهار هن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي سربراهه قاسم سراج تيلي جي اڳواڻي ۾ ملاقات لاءِ آيل تاجر برادري جي وفد سان ملاقات ڪندي ڪيو. ملاقات ۾ چيئرمين سنڌ روينيو بورڊ خالد محمود سيڪريٽري صنعت شمس سومرو، سنڌ جي وڏي وزير جو سيڪريٽري حفيظ عمراڻي جڏهن ته ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد جي ٻين ميمبرن ۾ هارون فاروق، انجم نثار، عبدالباسط هارون اصغر ۽ ٻيا شامل هئا اجلاس ۾ صنعتي علائقن م ٽريفڪ جي نظام کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ تي اتفاق سان گڏوگڏ صنعتي علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو ان موقعي تي سنڌ جو نگران وڏو وزير فضل الرحمان سنڌ روينيو بورڊ سان تاجر برادري جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ چيو ته تاجر برادري جا جيڪي به مسئلا ۽ ڏکيائيون آهن ان جي حل لاءِ ڪوشان آهيون هن وفد کي سنڌ حڪومت پاران سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته اوهان جا جيڪي به مسئلا آهن اهي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا وفد پاران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته فائر ٽينڊرز ۽ اسنارڪلز پورٽ تي پهچي ويا آهيون جلد ان کي سسٽم ۾ شامل ڪيو ويندو ملاقات ۾ صنعتڪارن صنعتي علائقن ۾ حددخلين جي ڪري مسئلن ۽ شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم بابت شڪايتن جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير کي آگاهه ڪيو جنهن تي وڏي وزير لاڳاپيل عملدارن کي حڪم ڏيندي وفد کي يقين ڏياريو ته هو ان معاملي ۽ مسئلن جي حل لاءِ جوڳا قدم کڻندو.

برکا جو فيس بوڪ صفحو