ترڪي ۽ ڪردن جي پراڻي جنگ ۾ آمريڪا جو ڪردار

October 28, 2019 at 5:59 pm

آصف شاهد

آمريڪا جي سڀ کان طاقتور پرڏيهي وزير هنري ڪسنجر صدر رچرڊ نڪسن کان به وڌيڪ جنهن شخص جي خوشامد ڪئي، اهو ايران جو شاهه رضا پهلوي هو، 1970ع جي ڏهاڪي ۾ شاهه محمد رضا پهلوي تيزي سان مهانگو ٿيندڙ تيل جي ذخيرن کانسواءِ وچ اوڀر ۾ صدر نڪسن ۽ هنري ڪسنجر جي پاليسين جي عمل دخل جي ڪري گهڻو مضبوط سمجهيو ويندو هو، ايران جو شاهه چاهيندو هو ته آمريڪا ايران کي به اولهه جرمني ۽ برطانيا وانگر اهميت ڏي، صدر نڪسن جي قومي سلامتي جي مشير ۽ بعد ۾ 1973ع ۾ پرڏيهي وزير جي حيثيت سان ڪم ڪندڙ هنري ڪسنجر جي اِها ذميواري هئي ته هو ايران جي شاهه جي انا کي سڪون بخشيندو رهي ۽ اهو ياد ڏياريندو رهي ته هو بادشاهن جو به بادشاهه آهي.

مئي 1972ع ۾ آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن تهران جو دورو ڪيو ته ايران جي شاهه عراق ۾ بعث پارٽي جي حڪومت جي خلاف ڪرد باغي ليڊر مصطفيٰ بارزاني جي حڪومت لاءِ صدر نڪسن تي زور وڌو، ايران جي شاهه صدر نڪسن کي اعتماد ڏياريو ته ماسڪو عراق ۾ بعث پارٽي، ڪردن ۽ ڪميونٽيز جو اتحاد بنائڻ جي ڪوشش ۾ آهي، ماسڪو ان ڪوشش ۾ ڪامياب رهيو ته ڪرد جواب تائين عراق حڪمران جماعت بعث پارٽي لاءِ ڪنڊو بڻيل آهي، ان لاءِ هڪ اثاثو بڻجي ويندو. ملاقات ۾ موجود هنري ڪسنجر سوال ڪيو ته آمريڪا ڇا ٿو ڪري سگهي؟ شاهه جواب ڏنو ته آمريڪا ڪردن جي مالي ۽ عسڪري مدد ڪري ته جيئن هو سوويت حمايت يافته عراق سان وڙهندا رهن. آمريڪي صدر ۽ هنري ڪسنجر اتفاق ڪيو ته سوويت يونين عراق ۾ گهڻو اڳتي وڌي چڪو آهي ۽ ان جي اثر رسوخ جو ٽوڙ ڪڍڻو آهي. ان دوري جي هڪ هفتي کانپوءِ ايران جي شاهه سي آءِ اي وسيلي هنري ڪسنجر کي پيغام موڪليو ته ڪردستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ادريس بارزاني ۽ محمود عثمان واشنگٽن اچي رهيا آهن، انهن جو استقبال ڪيو وڃي. هنري ڪسنجر ۽ وائٽ هائوس پهرين ئي تيار هئا پر ڪرد ليڊرن جي اعليٰ سطح تي ملڻ بجاءِ ڪنهن ٻئي طريقي کي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، هنري ڪسنجر پرڏيهي کاتي ۽ قومي سلامتي جي آفيس کي به انهن معاملن کان بي خبر رکيو هو، ان ڪري فيصلو ٿيو ته سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر رچرڊ هيلمز هن سان ملاقات ڪندو.

ڪرد ليڊرن جي واشنگٽن پهچڻ کان پهرين صدر نڪسن تهران کي پيغام موڪليو ته واشنگٽن ڪردن جي مدد لاءِ تيار آهي، ڪرد ليڊرن رچرڊ هيلمز سان ملاقات ۾ مطالبو ڪيو ته آمريڪا ڪردن جي خودمختياري جي حمايت ڪري ۽ انهن کي مالي، عسڪري ۽ انٽيليجنس مدد ڏي ته جيئن هو ڪردن جي فوج تيار ڪري عراق جي بعث پارٽي جو تختو اونڌو ڪري سگهي، رچرڊ هيلمز ڪرد ليڊرن کي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو پر شرط رکيو ويو ته آمريڪي تعاون کي منظرعام تي نه آندو ويندو. ڪردن فوجي ضرورتن لاءِ 60 ملين ڊالر ساليانو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، سي اءِ اي رڳو 16 ملين ساليانو ڏيڻ جي سفارش ڪئي ۽ 9 ملين ڊالر ايران کي ڏنا هئا. آمريڪا کي 3 ملين ڊالر رڳو نقد کانسواءِ 2 ملين ڊالر جا هٿيار فراهم ڪرڻا هئا، جڏهن ته 4 ملين ڊالر برطانيا ۽ اسرائيل طرفان ملڻا هئا، آمريڪا جو مقصد ڪرد رياست ٺاهڻ نه هو بلڪه عراقي فوج کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ملڪ اندر مصروف رکڻ هو. ان تعاون سان ئي وچ اوڀر ۾ اتحادي ملڪن کانسواءِ انهن جي پراڪسيز سان گڏ آمريڪا جي لاڳاپن جي شروعات ٿي.

اهو سڀ ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته اتر شام ۾ آمريڪا جي ڪردن سان بي وفائي تي اڄ واشنگٽن روئي رهيو آهي، اهو نئون ناهي، ان سان گڏ ئي ترڪي، ايران، شام ۽ عراق جي ڪردن جي حوالي سان تحفظات به ڏهاڪن کان پراڻا آهن، ڪردن جي حوالي سان آمريڪي عزم تي شڪ به ايتري ئي پراڻي تاريخ رکن ٿا. ڪرد نسل 2 هزار سال کان ڏکڻ اوڀر ترڪي جي پهاڙي علائقن ۾ اتر اولهه ايران جي پهاڙي علائقي جي وچ ۾ هڪ لک 91 هزار اسڪوائر ڪلوميٽرن جي ايراضي تي آباد آهي. ان وقت 10 ملين ڪرد ترڪي، 6 ملين ايران، ساڍا 3 ملين عراق ۽ 2 ملين کان ڪجهه وڌيڪ شام ۾ آباد آهن. ڪرد نه رڳو سرحدن جي وچ ۾ ورهايل آهن بلڪه قبائلي، سياسي اعتبار سان به ورهايل آهن ۽ ان ورهاست ۾ علائقائي طاقتن جو به هٿ آهي. ڪردن پهريون ڀيرو هڪ ڪميونٽي جي طور تي پنهنجي ڌار سڃاڻپ ٺاهڻ جي ڪوشش ويهين صدي جي شروع ۾ ڪئي، قومي سڃاڻپ جو اهو عمل ٺيڪ ان وقت شروع ٿيو جڏهن ترڪين ۽ عربن عثماني خلافت جي شهري هجڻ يا هڪ اُمه جو ميمبر هجڻ جو تصور ڇڏي نسلي بنيادن تي پنهنجي سڃاڻپ کي محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ۽ امت جي جاءِ تي قوم جي تصور جاءِ ورتي. ترڪين ۽ عربن جي ابتڙ ڪردن لاءِ قومي شناخت ٺاهڻ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ان جو پنهنجو ثقافتي ۽ لساني ورثو نه هجڻ هو. 

نئين ترڪي ۾ رهندڙن نسلي شناخت بجاءِ ملڪي شناخت جي بنياد تي قوم جو تصور اختيار ڪيو، ڪرد ترڪي ۾ رهندڙ ترڪ زبان کان عاري هئا، ايران جي 50 سيڪڙو آبادي ايراني نسل هئي باقي آبادي آذري، ترڪ، عرب، بلوچ، ترڪمان ۽ ٻين ننڍن ننڍن نسلي گروهن تي ٻڌل هئي، پر ايران فارسي کي قومي زبان جي طور تي مسلط ڪري سڀني فارسي ڳالهائڻ وارن کي ايراني شهري جي سڃاڻپ ڏني. ڪردن کي به ايراني شهري قرار ڏيڻ ۾ روڪ نه ٿي سواءِ ان جي ته هُو پنهنجي زبان کي فارسي مان نڪرندڙ هڪ ذيلي زبان جي طور تي تسليم ڪن. ايران ۾ ڪردن کي هڪ ٻيو مسئلو مسلڪي تقسيم هو. ڪردن جي اڪثريت سني عقيدي سان تعلق رکندي هئي. عراق ۾ ڪردن لاءِ سياسي اعتبار کان وڌيڪ مشڪل صورتحال هئي. عراق هڪ مڪمل عرب ملڪ هو جيڪو عرب قوميت جي تصور کي پختو ڪرڻ طرف مائل هو ۽ ان لاءِ ڪرد ان سرزمين جا رهائشي ضرور هئا پر عرب نه هئا.

هڪ قوميت جي حوالي سان عام تصور اِهو آهي ته موروثي طور تي هڪ قوم، نسلي يا لساني اعتبار کان هڪ گروپ، شايد اِهو ئي سبب آهي ته ڪردن کي ڊگهي عرصي تائين هڪ قوم جي حيثيت سان مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو. ڪردن جي پنهنجي مسلمه سرزمين ۽ رياست نه هجڻ به انهن لاءِ قومي شناخت لاءِ مسئلو رهيو. ٻي جنگ عظيم کانپوءِ ڪردن جي علائقن مان تيل جي ذخيرن جي دريافت ڪردن لاءِ الڳ وطن ۽ قوميت کي وڌيڪ مشڪل بڻائي ڇڏيو. آمريڪي مداخلت جي ڪري ڪردن لاءِ مشڪلات اڃا وڌي. ڪرد ۽ آمريڪا رومانس ڪيترائي ڀيرا ختم ٿيو ۽ وري جڙيو. ايران ۽ عراق سان گڏ سوويت يونين جا تعلقات ۽ وڌندڙ اثر رسوخ سبب آمريڪا ڪُردن کي پاڻ سان گڏ ملائڻ طرف مائل ٿيو، جنهن جو مقصد سوويت يونين کي روڪڻ هو.

1972ع ۾ صدام حسين ۽ سوويت يونين وچ ۾ فوجي، اقتصادي ۽ سياسي تعاون لاءِ رابطا شروع ٿيا ۽ ان رابطن جي نتيجي ۾ 9 اپريل 1972ع جو معاهدو دوستي طرف وڌيو. ايران ۽ آمريڪا جي ڳڻتي ان وقت وڌي وئي جڏهن صدام حسين عراق جي پيٽروليم ڪمپني کي پرائيوٽ ڪيو. رضا شاهه ايران ۽ اردن ۾ عراق جي مداخلت جي خوف سبب آمريڪا کي ڪردن سان تعاون تي مجبور ڪيو. ايران جي شاهه ۽ آمريڪا ٻئي ڪردن جي الڳ رياست يا عراق ٽوڙڻ ۾ سنجيده نه هئا، بلڪه انهن جي خيال ۾ ڪرد عراق جي سامهون وڌيڪ عرصو ٽڪڻ جي سگهه نه رکي سگهندو. شاههِ ايران ۽ آمريڪا کي صرف عراق جي فورسز کي الجهائي رکڻ ۾ دلچسپي هئي ۽ ان جو نتيجو اميدن جي مطابق هو. آمريڪا ۽ ڪردن جو رومانس جلدي ٽٽي ويو پر ڪردن جي مالي ۽ عسڪري مدد آمريڪا طرفان غير رياست عنصر کي استعمال ڪرڻ جو نقطه آغاز هو. آمريڪا رياستن سان گڏوگڏ غير رياستي عنصرن کي استعمال ڪري وچ اوڀر ۾ ڪنٽرول جي جيڪا پاليسي اپنائي اها دنيا جي ٻين حصن تائين ڦهلجي وئي ۽ انهي پاليسي سبب دنيا اڄ دهشتگردي جي جنگ وڙهي پئي.

1970ع جي ڏهاڪي ۾ ڪردن جي مدد بابت آمريڪي پاليسي اهڙا نتيجا ڏنا جيڪي آمريڪي اڄ تائين ڀوڳي رهيا آهن، ان پاليسي جي نتيجي ۾ 1971ع ۾ برطانيا کي گلف مان نڪرڻو پيو ۽ 1989ع ۾ خميني جو انقلاب ڏسڻو پيو، ان ڏهاڪي ۾ آمريڪا ڪردن کي صدام جي اقتدار جي خلاف استعمال ڪيو ۽ روس کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر گڏ ئي ايراني ڪردن کي به آمريڪا اثر هيٺ وٺڻ شروع ڪيو ۽ آمريڪا ڪردن کي وچ اوڀر ۾ پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪيو. 1975ع ۾ ايران جي شاهه عراق سان معاهدو ڪيو، ڪيئي علائقن تي پنهنجو حق مڃرايو ۽ صدام ڪردن کي آمريڪا، ايران اسرائيل وٽان ملندڙ امداد روڪڻ لاءِ سمورا شرط ڪمزور ڌر جي حيثيت سان مڃي ورتا، ايران جي شاهه ان معاهدي جي نتيجي ۾ ايراني ڪردن تي به ڪنٽرول ڪري ورتو، صدام جي حڪومت ڪردن کي محدود خودمختياري ڏيڻ جو واعدو ڪيو، جيڪو ڪڏهن به پورو نه ٿيو، ان معاهدي تي صحيح سان مصطفيٰ بارزاني جي سياسي جماعت جو انتظام وکرجي ويو، ڇوته ڪرد آمريڪا جي حمايت ملڻ کانپوءِ ڌار رياست کان گهٽ مطالبي تي تيار نه هئا.

1977ع کان 1981ع جي عرصي ۾ صدر جمي ڪارٽر جي حڪومت ڪردن کي تنها ڇڏي ڏنو ۽ تيل جي دولت سان مالامال عرب رياستن جي تحفظ ۽ اسرائيل جي سيڪيورٽي تي ڌيان رکيو، خميني جي انقلاب کانپوءِ آمريڪا صدام کي اتحادي بنائي شيعا اسلام ۽ روسي ڪميونزم کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ان عرصي ۾ آمريڪا جي پاليسي اها هئي ته ڪردن جي ڌار رياست جو قيام خطي ۾ عدم استحڪام آڻيندو ۽ ڪرد رياست لاءِ ترڪي، شام ۽ عراق جي ڪجهه حصن کي ڌار ڪرڻو پوندو ۽ پهرين خليجي جنگ تائين آمريڪا جي اها پاليسي برقرار رهي. 1970ع ۾ ترڪي ۾ پوليٽيڪل اسلام جي اڀرڻ ۽ ترڪي جي کاٻي ڌر طرفان ڪردن کي قوم تسليم ڪرڻ تي آمريڪي آشيرواد ۽ سي آءِ اي جي مداخلت سان ترڪي ۾ ٻي فوجي بغاوت ٿي. ترڪي جي اشرافيه آمريڪي عزم جي باري ۾ شڪ جو شڪار ٿي ۽ ٻئي طرف شام ۾ بعث پارٽي ۽ حافظ الاسد شام ۾ ڪردن تي سختي وڌائڻ سان گڏ ڪرد زبان تي پابندي لڳائي عربي مڙهي ڇڏي، ڪرد نالن ۽ علائقن جي نالن کي به عربي ۾ وجهي ڇڏيو، انهن سمورن قدمن جي نتيجي ۾ ترڪي ۾ ڪردن جي گروپ پي ڪي ڪي سميت 12 ڪرد گروپ جُڙيا. ايران ۾ انقلاب کانپوءِ غير ايرانين کي حق ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو ۽ 18 مارچ 1989ع تي ڪرد مليشيا ۽ پاسدارن جي وچ ۾ جنگ لڳي، فيبروري 1980ع ۾ ايراني ڪردن خودمختياري سميت 6 نڪاتي پلان ڏنو، آيت الله خامنه اي جي سخت مخالفت جي باوجود وزيراعظم مهدي بازرگان ڪردن سان همدردي ڏيکاري، ڪرد زبان پڙهائڻ جي اجازت ڏني ۽ ڪردن کي اسيمبلي ۾ نمائندگي ڏني، جنهن جي ڪري اهو خوف هو ته ڪردن جي آڙ ۾ انتهاپسند عنصر گڙٻڙ پکيڙي سگهن ٿا.

آگسٽ 1989ع ۾ ڪردن جي خلاف اعلان جنگ ڪيو ويو، ڪردن جي جماعت کي شيطان جي جماعت قرار ڏنو ويو ۽ ڪردن سمجهوتي بجاءِ هٿيار کڻي ورتا. رونالڊ ريگن جي صدر ٿيڻ کانپوءِ 1981ع کان 1989ع تائين آمريڪي پاليسين ۾ وڏي تبديلي آئي، آمريڪا عراق کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جي پاليسي ڇڏي ايران جي خلاف عراق جو تعاون مضبوط ڪيو. آمريڪا عراق جي اقتصادي ۽ ٽيڪنيڪي مدد شروع ڪئي، 1980ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا عراق کي ڪيميائي هٿيارن جي تياري ۾ مدد ڏني، بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ هڪ خصوصي سيل قائم ڪيو ويو، جنهن جو مقصد رڳو صدام حسين جي اقتدار جي حمايت ڪرڻ هو. ايران عراق جنگ ۾ آمريڪا عراق جي ڀرپور مدد ڪئي پر 1986ع ۾ ايران کي به هٿيار فراهم ڪيا، ان دوران ڪرد مسئلو سرد خاني ۾ هليو ويو، فيبروري 1983ع ۾ ترڪي ۽ عراق هڪ معاهدو ڪيو، جنهن تحت ٻنهي ملڪن هڪٻئي جي سرزمين تي سرگرم هٿياربند گروپن جي خلاف تعاون ڪيو، جيڪو ڪردن جي خلاف هو. 1984ع ۾ صدام ترڪي کي اتر عراق ۾ 15 ڪلوميٽر تائين ڪرد باغين جي خلاف فوجي ڪارروائين جي اجازت ڏني، ان سموري عرصي ۾ ڪرد ڪيئي گروپن ۾ ورهايل رهيا، ڪو گروپ تهران جو اتحادي هو ته ڪو بغداد جو، جڏهن ته ڪجهه گروپ ترڪي جو ساٿ ڏيندا رهيا. سيپٽمبر 1980ع ۾ آمريڪا ترڪي ۾ ٽئين فوجي بغاوت جي سرپرستي ڪئي ۽ جنرل ڪنعان ايورن اقتدار ۾ آيو. ان عرصي ۾ ڪردن تي وڌيڪ پابنديون لڳيون، ترڪي ۾ نسلي بنيادن تي پارٽيون ٺاهڻ تي پابندي لڳي وئي، سڀني شهرين کي ترڪ قرار ڏنو ويو ۽ ڪرد زبان تي به پابندي لڳائي وئي، ڪرد علائقن ۾ مارشل لا نافذ ڪيو ويو ۽ ترڪ سيڪيورٽي فورسز کي خصوصي اختيار ڏنا ويا.

1986ع ۾ صدام حسين ايران سان تعلق جي الزام تي ڪردن جي خلاف آپريشن ڪيو ۽ بعد ۾ صدام تي ڪردن جي نسل ڪشي جا الزام لڳا. 63 هزار ڪرد ملڪ ڇڏي ترڪي ۾ داخل ٿيا ۽ ترڪي انهن کي بي گهر ماڻهو طور قبول ڪيو. اها عراق ۾ ڪردن جي پهرين هجرت هئي، عراق سان گڏ ايران جي خلاف اتحاد، ترڪي جي نيٽو اتحادي هجڻ جي بنياد تي 90 جو پهريون اڌ ڏهاڪو آمريڪي پاليسين جي تسلسل جو عرصو هو. هوڏانهن ترڪي ۽ شام جي وچ م ڪرد ليڊر عبدالله اوڪلان کي پناهه ڏيڻ، هاتي ۽ فرات جي درياهن جي تڪرار تي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ ٿي وئي، ترڪي جي ڪرد گروپ پي ڪي ڪي گوريلا جنگ شروع ڪري ڏني، پي ڪي ڪي چئن ملڪن ۾ موجود ڪرد علائقي کي هڪ ڪنفڊريشن ٺاهڻ جي عزم جو اعلان ڪيو.

شام هڪ ڏهاڪي تائين ترڪي جي خلاف پي ڪي ڪي کي استعمال ڪندو رهيو، عراق به پنهنجي باغي ڪردن جي خلاف پي ڪي ڪي سان هٿ ملائي ورتو، ايران به پي ڪي ڪي کي مدد ڏيڻ شروع ڪئي، شام پنهنجي علائقي جي ڪردن کي ترڪ پي ڪي ڪي ۾ ڀرتي ڪرايو. ڊگهي پراڪسي جنگ کانپوءِ شام ۽ ترڪي ۾ درياهن تي سمجهوتو ٿيو ۽ عبدالله اوڪلان کي ملڪ بدر ڪيو ويو.

جنوري 1989ع ۾ جارج بش سينئر جي صدر ٿيڻ کانپوءِ آمريڪي پاليسي به تبديل ٿي ۽ آمريڪا اسرائيل ۽ نار جي رياستن کي صدام حسين جي ڌمڪين کي سنجيده ورتو ۽ صدام جي علائقي ۾ اختيارن جي عزم کي روڪڻ جو ڪم شروع ڪيو. 2 آگسٽ 1990ع تي ڪويت تي عراقي حملي کانپوءِ آمريڪا عراق جو ساٿ ڇڏي ڏنو ۽ ابتو ان جي مٿان بمباري ڪئي. ايران ۾ هاشمي رفسنجاني جي صدر ٿيڻ کانپوءِ ڪردن بابت ايراني پاليسي وڌي سخت ٿي پر پي ڪي ڪي کي ايراني سرزمين تي اڏو ٺاهڻ جي اجازت ڏني وئي، ترڪي ۾ صدر طورغت اوزال ڪرد مسئلي جو درست ادراڪ ڪيو، ڪرد زبان تي لڳايل پابندي نه رڳو هٽائي بلڪه ان کي ٻي زبان طور پڙهائڻ جي اجازت ڏني. امتيازي قانون ختم ڪيا، ڪرد زبان ۾ اشاعت جي اجازت ڏني، ڪرد زبان ۾ ريڊيو، ٽي وي پروگرام نشر ڪيا ويا، ڪردن کي سياسي جماعت ٺاهڻ جي اجازت ملي. 1993ع ۾ طورغت اوزال جي وفات بعد ڪردن بابت ترڪي جي پاليسي نه رڳو رُڪجي وئي بلڪه ڪنهن حد تائين واپسي پنهنجي جاءِ تي هلي وئي. اوباما داعش جي خلاف جنگ لاءِ ڪرد مليشيا کي اتحادي بنايو. ٽرمپ شروع ۾ پالسي جاري رکي پر داعش کي شڪست کان اڳ ئي ٽرمپ داعش کي هارائڻ جو ڪريڊٽ ورتو ۽ فتح جو اعلان ڪيو. اهي ڪرد ئي هئا، جن داعش جي خلاف جنگ کي انجام تي پهچايو پر ٽرمپ ترڪي جي فوجي آپريشن جي اعلان تي ڪردن کي اڪيلو ڇڏي ڏنو. هاڻي ترڪي ڪردن جي علائقي ۾ سيف زون ٺاهي اتي شام جي عربن کي آباد ڪرڻ ٿو چاهي ته جيئن ان جون سرحدون ڪردن کان محفوظ رهن. ان مقصد لاءِ ترڪي ڪردن کي علائقو خالي ڪرڻ لاءِ چيو آهي ۽ مختصر جنگبندي ٿي، جنهن جو مدو به پورو ٿي چڪو آهي، محدود علائقي مان ڪرد نڪري ته ويا پر بشارالاسد جي فوج ڪردن جي جاءِ سنڀالي ورتي. ڪردن کي ملڪ اندر ديوار سان لڳائڻ بجاءِ طيب اردگان انهن کي سياسي حق ڏنا اڄ به ترڪي ۾ ڪرد سياسي اعتبار سان مڪمل مطئمن ناهن. ڪيئي ڪرد ميئرز کي هٽائي انتظامي آفيسرن کي چارج ڏني وئي آهي. عراق ۾ ڪردن جي هڪ صوبي کي خودمختياري ملي چڪي آهي پر ڪرڪوڪ جا تيل ذخيرا عراق حڪومت پنهنجي قبضي ۾ وٺي چڪي آهي، جنهن سان ڪردن جي ڌار رياست واري خواب کي جهٽڪو لڳو آهي. آمريڪا سميت ڪابه طاقت ڪردن کي ڌار رياست ڏيڻ ۾ سنجيده ناهي بلڪه انهن کي پراڪسي وار لاءِ استعمال ڪرڻ سمورن ملڪن جي ضرورت آهي. �����������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������������

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو