تونسا کان گڊو بئراج تائين پاڻي جي کوٽ ٿي آهي، جاچ ڪنداسين: وڏو وزير
November 8, 2018 at 7:27 pmسکر(ڊ ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي چيو آهي سکر بئراج ۾ 38 سيڪڙو پاڻي جي گهٽتائي ٿي آهي ايندڙ ڏيڍ مهيني ۾ اڃا گهٽتائي ٿيندي. وڏي وزير مراد علي شاهه سکر بئراج جي دوري کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ارسا موجب پاڻي گهٽتائي 38 سيڪڙو آهي.هن چيو ته تونسا کان گڊو بئراج تائين نارمل کان گهٽتائي ٿي آهي جڏهن ته جاچ جي هدايت ڪئي وئي آهي.سکر بئراج جي ڪئنالن جي ليول وڌائڻ ۾ مسئلو آهي جيڪڏهن اسين وڌيڪ وڌائينداسين ته جنوري ۽ فيبروري تائين وڌيڪ مشڪلات پيش اچي سگهي ٿي، اسان چاهيون ٿا ته ڪئنالن کي ضرورت موجب جائز پاڻي وڃي. مونکي ڳڻتي آهي ته پلان پورو نه ٿيندو پاڻي جي کوٽ وڌيڪ آهي ڪوشش ڪنداسين ته ڪاميابي ماڻيون. هن وڌيڪ چيو ته قدرتي طور پاڻي جي کوٽ آهي ارسا کي گهرجي ته صوبن جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.