توهان ماڻهن کي روڪڻ جي لاءِ ڪهڙي قانون جي تحت بليڪ لسٽ بڻائي:رضا رباني
January 15, 2019 at 12:52 amاسلام آباد(بيورو) سينيٽ جي اجلاس ۾ گهرو وزارت جون اختياريون پيش ٿيون ۽ جڏجن هنن کان بليڪ لسٽ جو قانون پڇيو ته هو نه ٻڌائي سگهيا. اسلام آباد ۾ سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين جاويد عباسي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ بليڪ لسٽ جي قانوني حيثيت تي بحث ٿيو. ڪميٽي جي ميمبرن گهرو وزارت جي اختيارين کان پڇيو ته بليڪ لسٽ جو قانون ڪهڙو آهي؟ ته گهرو وازرت جي اختياريون بليڪ لسٽ جو قانون نه ٻڌائي سگهيون. مصطفيٰ نواز چيو ته بليڪ لسٽ جو ڪو به قانون ناهي، ڊي جي ايف آءِ اي موجب هن وٽ پي اين آءِ ايل جي فهرست جي تحت بليڪ لسٽ ڪيو ويندو آهي. گهرو ايڊيشنل سيڪريٽري ٻڌايو ته بليڪ لسٽ ۾ نالو پاسپورٽ ايڪٽ جي تحت وڌو ويندو آهي. ڊائريڪٽر پاسپورٽ چيو ته پاسپورٽ ايڪت جي سيڪشن 6 جي تحت نالو بليڪ لسٽ ۾ وڌو ويندو آهي. مصدق ملڪ چيو ته توهان طريقيڪار نه پر قانون ٻڌايو. سينيٽر رضا رباني چيو ته توهان ماڻهن کي روڪڻ جي لاءِ ڪهڙي قانون جي تحت بليڪ لسٽ بڻائي، شهرين جي سفر ڪرڻ تي پابندي ڪيئن ۽ ڪهڙي قانون جي تحت آهي، گهرو ۽ اميگريشن وار اسان کي جاهل ٿا سمجهن، اسان کي گهرو وزارت ۽ اميگريشن وارا گمراهه ڪري رهيا آهن. سينيٽ ڪميٽيءَ گهرو سيڪريٽري، ڊي جي پاسپورٽ ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي اڳئين اجلاس ۾ طلب ڪري ورتو. ڪميٽي جي چيئرمين جاويد عباسي چيو ته ايندڙ ميٽنگ ۾ گهرو وزير کي به گهرايو، اسان کي ان حوالي سان سمورا تفصيل گهرجي ته هن وقت تائين ڪيترن ماڻهن کي بليڪ لسٽ ۾ وڌو ويو ۽ روڪيو ويو آهي ۽ ڪنهن هدايت ڏني؟