جج جي زندگي ۾ خوف جي ڪابه گنجائش نه هوندي آهي: چيف جسٽس
January 18, 2019 at 7:08 amاسلام آباد ( بيورو ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته جج جي زندگي ۾ خوف جي ڪابه گنجائش ناهي، ججن جو ڪم نهايت مشڪل آهي، جوڊيشري ۾ ڪرپشن انصاف جو قتل آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان پيڙهيل ماڻهن جي حقن لاءِ ڪم ڪيو آهي، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو، اسان هر شخص کي عزت سان زندگي گذارڻ جو حق ڏنو آهي. هن چيو ته خانگي اسپتالن جي فين تي نوٽيس ورتو، کدڙن فقيرن لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ تي نوٽيس ورتو، طيبا سميت گهريلو ملازم ٻارڙن جو به نوٽيس ورتو، اسان تعليم ۽ صحت جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس چوڻ هو ته ماڻهن جيڪا عزت ڏني اها واپس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان سڀ کان پهريون گلگت بلتستان جو معاملو اٿاريو، ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس ورتو، سموري قوم پاڻي لاءِ عطيا ڏنا، ٻيو مسئلو عدالت آبادي ۾ اضافي جو اٿاريو. چيف جسٽس ثاقب نٿار چيو ته 20 سالن کان وڌيڪ عدالت ۾ گذاريو، هميشه ڪوشش ڪئي ته قانون ۽ ضابطي اندر رهندي فيصلا ڏيا.