جدي ۾ قيد پاڪستانين جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل
November 18, 2018 at 5:02 pmپشاور(م ڊ) جدي ۾ قيد پاڪستانين جو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي پاڪستاني سعودي عرب جيل ۾ قيدي آهن، جددي ۾ قيد پاڪستانين وزير اعظم عمران خان، چيف جسٽس ثاقب نثار کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي، جڏهن ته ويڊيو ۾ قيدين پنهنجي تڪليف ۽ ڏکيائين جي باري ۾ ٻڌايو ته گهڻ قيدين جون رهتون ادا ناهن ڪيو ويون، قيدي ڪيتري ئي عرصي کان قيد ۾ آهن ڪو پڇڻ وارو ناهي، قيدين جو چوڻ آهي ته سعودي ڪفيل انهن کان 30 ۽ 40 هزار ريال گهري رهيا آهن، اسان وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي ته ڪفيلون کي آزادي لاءِ هزارين ريال ڪٿان ادا ڪن؟ قيدين جي اڪثريت جو تعلق پختونخوا سان آهي، سعودي جيل ۾ قيد پاڪستانين ويڊيو پيغام ۾ چيو ته شڪايت جي باوجود نه پاڪستاني سفارتخاني طرفان رابطو ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي انهن جي آزادي لاءِ ڪي قدم کنيا پيا وڃن،