جعلي اڪائونٽس ڪيس: آصف زرداري سپريم ڪورٽ ۾ ايف آءِ اي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي
February 15, 2019 at 7:33 pmاسلام آباد(بيورو) آصف زرداري ايف آءِ اي جي جاچ جاري رکڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.نجي ٽي وي مطابق جعلي اڪائونٽس ڪيس بابت آصف زرداري ايف آءِ اي پاران جاچ جاري رکڻ خلاف درخواست سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست ايڊووڪيٽ لطيف کوسا سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي.درخواست ۾ موقف ڄاڻايو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست داخل ڪري چڪا آهيون، جي آءِ ٽي کي عدالت نيب سان سهڪار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالتي فيصلي کانپوءِ به ايف آءِ اي جاچ ڪري رهي آهي، ايف آءِ اي آصف زرداري جي قانوني صلاحڪار ابوبڪر زرداري کي به طلب ڪيو، ايف آءِ اي ابوبڪر زرداري سان مخصوص بئنڪ اڪائونٽس بابت پڇاڻو ڪيو.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هڪ پاسي نيب ٻئي پاسي ايف آءِ اي جاچ ڪري رهي آهي، هڪ ئي معاملي تي ٻن ادارن پاران جاچ ڪرڻ قانون ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي پاران به جاچ جاري رکڻ عدالتي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي. درخواست ۾ آصف زرداري اپيل ڪئي ته سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي ۽ جي آءِ ٽي کي جاچ ڪرڻ کان روڪي