جنگ جي تياري نه پيا ڪريون، هن ڀيري ردعمل مختلف هوندو:ميجر جنرل آصف غفور

February 22, 2019 at 6:28 pm

اسلام آباد ( بيورو ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ڀارت جنگ جي تياري ڪري رهيو آهي، پنهنجي دفاع جو حق آهي، هن ڀيري اسان جو رد عمل مختلف هوندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل چيو ته خطي جي امن کي سڀ کان وڏو خطرو ڪشمير مسئلي سان آهي، ڀارت کي پلواما حملي جي گڏيل جاچ جي آڇ ڪيون ٿا. هن چيو ته اسان جنگ ۾ اڳرائي نه ڪري رهيا آهيون پر جواب ڏيڻ اسان جو حق آهي. سندس چوڻ هو ته 14 فيبروري تي پلواما ۾ ڪشميري نوجوان قابض فوج کي نشانو بڻايو جنهن بعد ڀارت طرفان پاڪستان تي الزامن جي برسات ٿي وئي، بنا سوچي سمجهي ۽ تحقيق جا الزام هنيا ويا. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پاڪستان جي آزاد هئڻ جي حقيقت ڀارت اڄ تائين قبول نه ڪري سگهيو آهي، 1947ع ۾ ڀارت ڪشمير تي حملو ڪيو، 72 سال کان سندن ڪشمير ۾ ظلم جاري آهي. هن چيو ته 1965ع ۾ ايل اي سي کان ڇڪتاڻ کي ڀارت انٽرنيشنل سرحد تي کڻي آيو، تنهن وقت اسان جو ملڪ ترقي ڪري رهيو هو، جنگ جا اثر سموري ملڪ تي پيا، 1971ع ۾ سازش ذريعي اسان کي ٻه ٽڪرا ڪيو ويو،  ڀارت مڪتي باهني ذريعي اوڀر پاڪستان ۾ حالتون خراب ڪيون ۽ اسان ان سانحي ۾ به پاڻ سنڀالي وياسين.  سندس چوڻ هو ته  ڀارت جي سمورين ميڊيا جنگي صحافت ڪري رهي آهي، پاڪستان ميڊيا امن جي ڳالهه ڪري ٿي جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته اچو ته گڏجي خطي کي دهشتگردي کان پاڪ ڪيون، اميد ته ڀارت امن  جي آڇ جي هاڪاري موٽ ڏيندو، اسان جنگ جو رستو نه ٿا اختيار ڪرڻ چاهيون.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو