جنگ نٿا چاهيون، اسان جي امن پسندي کي ڪمزوري نه سمجهو وڃي: وزيراعظم
March 15, 2019 at 8:09 pmباجوڙ ( م ڊ ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت چونڊن کان اڳ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، اسان سڀني کي هروقت تيار رهڻو پوندو . جڏهن ته اسان جي فوج حالتن جو مقابلو ڪرڻ ڄاڻي ٿي. باجوڙ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ چونڊون آهن ۽ اسان جي بدقسمتي آهي ته ڀارت جي هڪ سياسي پارٽي نفرت پکيڙي چونڊون کٽڻ چاهي ٿي. ڀارت ۾ چونڊو ٿي رهيون آهن ايندڙ 30 ڏينهن هوشيار رهڻو پوندو. هرڏکئي وقت کان پوءِ الله آساني پيدا ڪندو آهي ۽ هاڻ آساني جو دور شروع ٿي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جنگ نٿا چاهيون، قبائلي علائقي جي ماڻن کي جنگ سبب نقصان پهتو. قبائلي علائقن جي ماڻهن پاڪستان لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سموري دنيا ڏسي رهي آهي، اسان هر هر ڀارت کي چوندا آهيون ته ڪشمير جو مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪيو. واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان جي امن پسندي کي ڪمزوري نه سمجهو وڃي. اسان اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، خوشحالي ۽ سيڙپڪاري چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي پاڙيسڙي ملڪ مان امن جا خواهشمند آهيون، امن لاءِ مودي سان ڳاليهن لاءِ تيار آهيون. جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪافي وقت کان باجوڙ اچڻ ڪوشش ڪري رهيو هيس پر حالتون ٺيڪ نه هيون، اڄ اوهان جو جوش جذبو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، باجوڙ ۾ زبردست آجيان ڪرڻ تي اوهان جو ٿورائتو آهيان