جيستائين عيب ختم نه ڪنداسين حڪومت کي ڀوڳڻو پوندو:سعد رفيق

January 18, 2019 at 7:05 am

اسلام آباد(بيورو) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته نيب کي چيو ته ريفرنس لازمي ٺاهي ته جئين عدالت ۾ فيصلو ٿئي ته اسان ڪجهه غلط ڪيو هو يا نه . جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته بي پناهه دٻاءٌ جي باوجود اسپيڪر طرفان پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڳالهائڻ جو حق ڏيڻ تي ٿورائتو آهيان ، هن چيو ته جيل ۾ هڪ سياسي ڪارڪنن جنهن جي پنهنجي سياسي جدوجهد جي عمر 4 ڏهاڪن تي ٻڌل  آهي، هڪ ٻي انداز ۾ سڄي صورتحال کي ڏسي سگهان ٿو. بطور پوليٽيڪل ڪامريڊ پنهنجي لاءِ پريشان نه ٿين، نيب وارن کي چيو آهي ته ريفرنس ضرور ٺاهن، جيترو توهان توهان جي سرپرستون بدنام ڪيو، هاڻي ضروري آهي ته ريفرنس ٺهي ته جيئن ڪورٽ آف لا ۾ ان جو فيصلو ٿئي.  خواجه سعد رفيق نيب کي عيب قرار ڏيندي چيو ته جيستائين عيب ختم نه ڪنداسين  ته حڪومت کي ڀوڳڻو پوندو، الله ڪري توهان ان کي نه ڀوڳيو. هن چيو ته اپوزيشن جي اتحاد کي حڪومت ۾ پنهنجي لاءِ خطرو نه سمجهي. سالن جي تجربن کي گهڻو سکيو آهي، اهو سبب آهي ته روز گاريون ملڻ جي باوجود حڪومت ڪيرائڻ چاهيو ها پر ننڍا وڏا جيهڙا ٿيندا رهندا آهن.  هن چيو ته حڪومت سان ڳالهائيندا رهنداسين ۽ نٿا چاهيون ته توهان کي ڪيرائڻ جي چڪر ۾ پورو جمهوري نظام ڪري پئي، چاهيو ٿا ته چنڊ تارا ٽوڙي کڻي اچڻ جا واعدا ڪيا ويا هئا انهن مان صرف 10 سيڪڙو واعدا پورا ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم سان ناراض آهيان پر پوءِ به کيس صلاح ڏيان ٿو ته هو پنهنجي مخلص دوستن کي ويهاري ۽ ڪنٽينر تان واپس اچي، هو پنج مهينا حڪومت ڪري چڪو آهي. خواجا سعد رفيق چيو ته 71 سالن جي تاريخ آهي، هتي خان ولي خان، اڪبر بگٽي ۽ جي ايم سيد کي غدار قرار ڏن ويو، جيڪو هن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي عملداري گهري ٿو ان کي غدار قرار ڏنو وڃي ٿو، مون کي ڪو ٻڌائي ته هي غدار ڪير پيدا ڪري ٿو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو